Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

حضرت آصف بن برخيا رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه جي اها ڪرامت به ذِهن ۾ رکو جو اُنهن اَسّي (80) گز ڊگھو ۽ چاليھ (40) گز ويڪرو هيرن ۽ جواهرات سان سينگاريل تَخْت اَک ڇِنڀڻ کان پهريان پهريان يمن کان ملڪ شام ۾ پهچايو هو، هن واقعي کي الله عَزَّوَجَلَّ سيپاري 19سُوْرَهءِ نَمْل جي آيت نمبر 40 ۾ ائين بيان فرمايو آهي:

قَالَ الَّذِي عِنْدَهُ عِلْمٌ مِنَ الْكِتَابِ أَنَا آتِيكَ بِهِ قَبْلَ أَنْ يَرْتَدَّ إِلَيْكَ طَرْفُكَ

(پ:۱۹، النمل:۴۰)

 

تَرْجمو ڪنزالايمان: ان عرض ڪيو جنهن وٽ ڪتاب جو علم هو ته مان ان کي بارگاھ ۾ حاضر ڪندس اک ڇنڀ کان پهريان

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو ته جڏهن الله عَزَّوَجَلَّ حضرتِ سَيدُنا سليمان عَلَيه الصَّلٰوة السَّلَام جي هڪ اُمَّتي کي سوين مِيل جي مُسافت تي مَوجُود اِنتهائي وَزني تخت اک ڇنڀڻ کان پهريان کڻي اچڻ جي طاقت عطا فرمائي آهي ته يقيناً اهو ئي رَبّ عَزَّوَجَلَّ پنهنجي ذاتي قُدرت ۽ طاقت سان پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي رات جي ٿوري حصّي ۾ مڪان ۽ لامڪان جي سير ڪرائڻ تي به قادر آهي۔ منهنجا آقا اعلي حضرت فرمائن ٿا :

خِرَد سے کہہ دو کہ سَر جُھکا لے گُماں سے گُزرے گُزرنے والے

پڑے ہیں یاں خُود جِہَت کو لالے کسے بتائے کدھر گئے تھے

سُراغِ اَیْن و متیٰ کہاں تھا نشانِ کَیْف و اِلیٰ کہاں تھا

نہ کوئی راہی نہ کوئی ساتھی نہ سنگِ منزل نہ مَرحلے تھے

کسے ملے گھاٹ کا کنارا کدھر سے گُزرا کہَاں اُتارا

بھرا جو مثلِ نظر طرارا وہ اپنی آنکھوں سے خُود چُھپے تھے

(حدائقِ بخشش، ص: ۲۳۵)