Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

جس کا حُسن اللہ کو بھی بھا گیا

 

ایسے پیارے سے مَحَبَّت کیجئے

                                                                                     (حدائقِ بخشش، ۱۹۵)

شعرن جي سمجھاڻي: يعني اهو خدا جيڪو هميشه باقي ۽ زنده رهڻ وارو آهي، جڏهن اهو پنهنجي پياري جي ساراھ ڪندو آهي ته هن جي ٻانَهن کي سمجھڻ گھرجي ته اهو هي چاهيندو آهي ته هر ڪو هر وقت منهنجي محبوب جي تعريف ڪري ته جيئن منهنجي محبوب جو محبوب بڻجي منهنجو به محبوب بڻجي وڃي، ڇوته دوست جو دوست به دوست هوندو آهي ۔

جنهن پياري آقا محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حُسن ۽ جمال رب ذُوالجلال عَزَّوَجَلَّ کي به پسند آيو آهي، اي گناهگارو! دُنيا جي بربادي واري حُسن جي پٺيان لڳڻ بدران هن محبوب جي رُخِ والضحيٰ ۽ زُلفِ وَالَّيل سان پيار ڪيو، جنهن جي ڪري سموري ڪائنات ۾ بهار آئي آهي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

واقِعهءِ معراج جون حڪمتون

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مشهور (عربي) چوڻي آهي ته ”فِعْلُ الْحَڪيمِ لَايخْلُو عَنِ الْحِڪمَة“ يعني حڪيم جو ڪو به ڪم حڪمت کان خالي نه هوندو آهي، الله  عَزَّوَجَلَّ جي هر ڪم ۾ بي شُمار حڪمتون پوشيده هونديون آهن جنهن کي سمجھڻ اسان جي وس ۾ نه آهي۔ الله  عَزَّوَجَلَّ پنهنجي مَدَني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي معراج ڪرائي ان ۾ هڪ حڪمت نبي پاڪ، صاحب ِ لَولاڪ، سَياحِ اَفلاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دلجوئي ۽ دلي تسڪين به ھئي، ڇوته جنهن ڏينهن صفا جي چوٽي تي بيهي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مڪي جي قُريشن کي توحيد جي دعوت ڏني هئي، انهن ڏينهن کان