Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

عَزَّوَجَلَّ جي خاطر وٺڻ چاهين ٿو کڻي وٺ، مان تو کي مَشَقَّت ۾ نه وجھندس (يعني منع نه ڪندس)۔ اهو ٻڌي ملائڪ چيو: تنهنجو مال تو کي مُبارڪ هجي، اهو سمورو مال تون پاڻ وٽ ئي رک۔ توهان ٽنهي جو اِمتحان ورتو ويو، تنهنجي لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا آهي ۽ تنهنجي ٻنهي دوستن (يعني ڪوڙھي ۽ گنجي) جي لاءِ الله عَزَّ وَجَلَّ  جي ناراضي آهي۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان جتي اهو معلوم ٿيو ته ضرورت مندن جي مَدَد ڪرڻ ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي عطا ڪيل مال مان اُن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ، رِضاءِ الٰهي جو ذريعو آهي، اتي اهو به معلوم ٿيو ته قُدرت باوجود صَدَقو ۽ خَيرات خاص طور صَدَقاتِ واجبه مثال زڪوٰة ۽ فِطرو وغيره نه ڏيڻ ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي ناراضگي ۽ اُن جي عطا ڪيل نعمتن جي ناشُڪري آهي۔ تنهنڪري اسان کي صَدَقاتِ واجبه جي اَدائيگي سان گڏوگڏ نفلي طور تي به خُوب خُوب صَدَقو ۽ خَيرات ڪرڻ گھرجي۔

دولتِ دُنیا سے بے رَغبت مجھے کر دیجئے

میری حاجت سے مجھے زائد نہ کرنا مالدار

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص218)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اميرِ اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي،حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادِري رضوي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي مدني سوچ تي قُربان وڃو جو بارگاھ رِسالت ۾ عرض ڪن ٿا ته مون کي دُنيا جي دولت کان بي رَغبت ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي حاجت کان وڌيڪ مون کي مال عطا نه ڪيو، سُبحان الله عَزَّوَجَلَّ، اچو! اسان به بارگاھ رِسالت ۾ عرض ڪيون ٿا ته آقا!

 



[1]بخاری،کتاب احادیث الانبیاء،باب حدیث ابرص واعمی ...الخ،۲/ ۴۶۳،حدیث: ۳۴۶۴