Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته صَدَقو، مصيبت ۽ بَلا کي روڪيندو آهي، صَدَقو عمر کي وڌائيندو آهي، صَدَقو بُري موت کي پري ڪندو آهي، صَدَقو تڪبُّر کي پري ڪندو آهي، صَدَقو فخر کي پري ڪندو آهي، صَدَقو قبر جي گرمي ختم ڪندو آهي، صَدَقو قِيامت جي ڏينهن ڇانو ٿيندو، صَدَقو دوزخ جي عذاب کان بچائيندو۔

دے نَزع و قبر و حشر میں ہر جا اَمان اور

دوزخ کی آگ سے بچا یا ربِّ مُصطفٰے

(وسائلِ بخشش مُرمّم ،ص132)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي اسلاف ۽ بُزرگ سڳورن ۾ صَدَقي ۽ خَيرات جو جذبو ايتري قدر گھڻو هو جو ڪڏهن ڪڏهن ته اُهي مُبارڪ هستيون پنهنجي ضرورتن کي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ضرورت تي قُربان ڪري ڇڏينديون هيون۔ اچو ترغيب جي لاءِ هڪ عظيمُ الشان واقعو ٻڌون ٿا؛

بي مِثال تَوڪل ۽ لاجواب صَدَقو

اُمُّ المؤمنين، حضرتِ سَيدَتُناعائشه صِدّيقه، طَيبَه، طاهره رَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْهَا کان روايت آهي ته هڪ مسڪين اوهان کان سوال ڪيو جڏهن ته پاڻ رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهَا روزي سان هيون، ۽ گھر ۾ سِواءِ هڪ ماني جي ٻيو ڪجھ نه هو۔ پاڻ پنهنجي ٻانهيءَ کي فرمايائون: ان کي اها ماني ڏئي ڇڏيو، ته ٻانهيءَ چيو: اوهان جي اِفطاري جي لاءِ هن کان علاوه ٻيو ڪجھ ناهي، حضرت سيدَتُنا عائشه صِدّيقه رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهَا فرمايو: هن کي اها ماني ڏئي ڇڏ، ٻانهيءَ چوي ٿي ته مون اها ماني ان کي ڏئي ڇڏي، اڃا شام نه ٿي جو اهلِ بيت يا ڪو ٻيو شَخص جيڪو