Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

دولتِ دُنیا سے بے رَغبت مجھے کر دیجئے

میری حاجت سے مجھے زائد نہ کرنا مالدار

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو ته ڪو به مُلڪ خواه مَعَاشِي طور تي ڪيترو ئي تَرَقّي يافته ڇو نه هجي، پر عام طور تي اُن ۾ ماڻهن جو هڪ اهڙو طبقو به هوندو آهي جيڪو مُختلف سببن جي ڪري غُربت ۽ اَفْلَاس جو شِڪار هوندو آهي ۔ اهڙن ماڻهن جي ڪفَالَت جي ذِمّيداري، الله عَزَّوَجَلَّ صاحبِ حَيثِيت ماڻهن جي حوالي ڪئي آهي۔ جيئن الله عَزَّوَجَلَّ مالدار مسلمانن تي زڪوٰة فرض ڪئي، ته جيئن اُهي پنهنجي زڪوٰة جي ذريعي مُعَاشري جي ڪمزور ۽ نادار طبقي جي مَدَد ڪن ۽ دولت ڪجھ ماڻهن جي هٿن ۾ قيد ٿيڻ بدران مُعاشري جي ستايل غريب ماڻهن تائين به پهچندي رهي ته جيئن مُعَاشري ۾ مَعَاشِي توازُن جي فضَا قَائم ٿئي۔

ياد رهي ته جيڪڏهن الله عَزَّوَجَلَّ چاهي ها ته سڀني کي دولت مند ڪري ڇڏي ها ۽ ڪو به شخص غريب نه هجي ها، پر اُن پنهنجي مَشِيت سان ڪنهن کي اَمِير بڻايو ته ڪنهن کي غريب ته جيئن اَمِير کي ان جي دولت ۽ غريب کي ان جي غُربت جي سبب آزمائي۔ جيئن ته سيپاري 8 سورةُ الاَنعام جي آيت نمبر 165 ۾ ارشادِ خُداوندي عَزَّ وَجَلَّ آهي؛

وَهُوَ الَّذِي جَعَلَكُمْ خَلَائِفَ الْأَرْضِ وَرَفَعَ بَعْضَكُمْ فَوْقَ بَعْضٍ دَرَجَاتٍ لِيَبْلُوَكُمْ فِي مَا آتَاكُمْ     (پ۸، الانعام:۱۶۵)

تَرْجموڪنز الايمان: ۽ اُهو ئِي آهي جِنهن زمِين ۾ توهان کي نائِب ڪيو ۽ توهان مان هڪڙن کي ٻِين تي ڪيئِي درجا بُلندِي ڏنائِين جيئن توهان کي آزمائِي اُن شيءِ ۾ جيڪا توهان کي عطا ڪيائِين۔