Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

بيشڪ اهلِ قرابت تي صَدَقي ڪرڻ جو ثواب ٻيڻو ڪري ڏنو ويندو آهي۔([1])

اچو! ترغيب خاطر صَدَقي ۽ خَيرات ڪرڻ جي برڪتن تي مشتمل 2 ايمان افروز حڪايتون ٻڌون ۽ ان مان نصيحت جا مدني گل حاصل ڪيون ٿا؛

هڪ مانيءَ جو ثواب

حضرت سَيدُنا عبدُ الله بن مسعود رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهمَا کان منقول آهي: عبدُالله نالي هڪ راهب 60 سالن تائين عبادت ۾ مشغول رهيو۔ پوءِ هڪ عورت جي فتني ۾ مبتلا ٿي 6 راتيون گُناھن ۾ مبُتَلا رهيو، پوءِ ان کي پنهنجي گُناھ تي شرمساري ٿي ته ڀڄندو مسجد ڏانهن آيو، اتي ٽن (3) بکايلن کي ڏٺائين ته هڪ ماني انهن تي صَدَقو ڪئي ۽ ان جو اِنتقال ٿي ويو۔ جڏهن ان جي عملن جو وزن ٿيو ته هڪ پلڙي ۾ 60 سالن جي عبادت ۽ ٻي پلڙي ۾ 6 ڏينهن جا گُناھ رکيا ويا ته گُناھ، عبادت تي غالب ٿي ويا، پر جڏهن صَدَقو ڪيل ماني رکي وئي ته اها انهن گُناهن تي غالب اچي وئي۔([2])

یا خدا ! رحمت تِری حاوی ہے تیرے قَہر پر

فضل و رحمت کے سہارے جی رہا بدکار ہے

(وسائلِ بخشش مُرمّم ،ص478)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

صَدَقي جي مانيءَ ازدهه نانگ کان بچائي ورتو

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 413 صفحن تي مشتمل ڪتاب”عيونُ الحڪايات (حصّو 2)“صفحي 197 تي آهي ته حضرتِ سيدُنا سالم ابو جَعَد رَحمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کان منقول آهي:حضرت سيدُنا صالح

 

 



[1]…معجم کبیر،۸/۲۰۶،حدیث:۷۸۳۴

[2]…شعب الایمان،باب فی الزکاۃ،فصل ما جاء فی الایثار ،۳/۲۶۲،حدیث:۳۴۸۸ملتقطاًوبتغیر قلیل