Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪيئي ڀيرا ائين به ٿيندو آهي جو عام غريبن جي ته اسان خُوب مَدَد ڪندا آهيون ۽ نيڪ ڪمن ۾ به مالي طور تي وڌ کان وڌ حصو وٺندا آهيون، پر چراغ تلي اندهيرا جي مطابق پنهنجن ئي ضرورت مند رشتيدارن کي وساري ڇڏيندا آهيون،تنهنڪري انهن کي به ياد رکيو وڃي ۽ اُنهن جي خُود داري کي تڪليف پهچائڻ بدران نهايت اَحسن انداز ۾ انهن جي مَدَد ڪئي وڃي بلڪ پهريان انهن کي ترجيح ڏني وڃي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                 صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي مختلف مدني ڪمن ۾ عملي طور شامل ٿيڻ گھرجي، اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ! اڄ جي هن پُرفِتَن دَور ۾ تبليغِ قرآن و سُنّت جي عالمگير غيرسياسي تحريڪ، دعوتِ اسلامي اسان کي سُنّتن ڀريو پاڪيزه ماحول مُهيا ڪري رهي آهي۔ هن مدني ماحول سان وابسته ٿي خبر ناهي ڪيترن ئي گُناهگارن کي الله عَزَّ وَجَلَّ جي فضل ۽ ڪرم سان تَوبھ جي تَوفيق ملي ۽ هاڻي اُهي صلوٰة و سُنّت جا پابند ٿي هڪ باعمل ۽ باڪردار مُسَلمان جي حَيثِيت سان زندگي گذاري رهيا آهن۔ اچو! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي پنهنجي پاڻ کي مدني ڪمن ۾ مشغول رکي نيڪين جو ذخيرو گڏ ڪرڻ واري هڪ عاشقِ رسول جي مدني بهار ٻڌون ٿا:

عاشقانِ رسول جي صحبت ڇا مان ڇا بڻائي ڇڏيو

لائنزايريا، بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ نوجوان اسلامي ڀاءُ جو ڪجھ هن طرح بيان آهي ته پهريان مان به هڪ عام ماڊرن ۽ بي نمازي ڇوڪرو هئس، زندگي جا ڏينهن ۽ راتيون غفلتن ۽ گناهن ۾ گذري رهيا هئا۔ رَمَضانُ المبارَڪ 1423ھ ۾ هڪ اسلامي ڀاءُ مون تي انفرادي ڪوشش ڪندي اسان جي