Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

نَمازِ جُمُعَه کان پهريان علاقائي دورو براءِ نيڪي جي دعوت جي ترڪيب ٿئي * نَمازِ جُمُعَه کان پوءِ مَقامي ماڻهن جي وچ ۾ مَدَني حلقو ۽ بعدِ عَصر بيان جي بعد واپسي جي ترڪيب ٿئي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به صَدَقات ۽ خَيرات جو ذڪر ٿيندو آهي ، ان جي فضيلت بيان ڪئي ويندي آهي ته عموماً اسان جي ذهن ۾ فوراً اهو تَاثُّر قائم ٿي ويندو آهي ته اِن مان مراد اُهي صَدَقات آهن جنهن جو تعلق مال سان هوندو آهي ۽ اهي فضيلتون به انهيءَ صَدَقي سان خاص آهن، حالانڪ نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهڙي صَدَقن جو به ذِڪر ڪيو آهي جو جن ۾ مال ۽ دولت خرچ ڪرڻ بغير به صَدَقي جا فضائل حاصل ڪري سگھجن ٿا، اهڙي طرح ڪجھ صَدَقات اهڙا به آهن جن جو شمار وڌيڪ فضيلت وارن صَدَقات ۾ ٿيندو آهي۔ انهن افضل صَدَقن ۾ مالي صَدَقا به شامل آهن ۽ اهي به جن ۾ مال خرچ نٿو ڪرڻو پوي، اچو پهريان ان صَدَقن جي باري ۾ ٻڌون ٿا ،جن ۾ مال خرچ نٿو ڪرڻو پوي:

بنامال خرچ ڪرڻ جي صَدَقو

پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ مسڪرائڻ صَدَقو آهي۔نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان روڪڻ صَدَقو آهي۔ راھ ڀٽڪڻ واري جي رهنمائي ڪرڻ صَدَقو آهي۔ ڪمزور نگاھ واري (يا نابين) جي مَدَد ڪرڻ صَدَقو آهي۔ رستي تان پٿر، ڪنڊو يا هڏي هٽائڻ صَدَقو آهي۔ پنهنجي ڏول سان پنهنجي ڀاء جي ڏول ۾ پاڻي وجھڻ صَدَقو آهي([1]) قرض ڏيڻ صَدَقو آهي۔([2])شر ڦهلائڻ کان پاسو ڪرڻ صَدَقو



[1]…ترمذی،کتاب البر والصلة،باب ما جاء فی صنائع المعروف،۳/۳۸۴،حديث:۱۹۶۳ماخوذاً

[2]…شعب الايمان،باب فی الزکاۃ،فصل فی القرض،۳/۲۸۴، حديث:۳۵۶۳ ماخوذاً