Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

اللہکرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

 

اے دعوتِ اسلامی تری دُھوم مَچی ہو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                           صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”يوم تعطيل اعتڪاف“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪيون ڪرڻ، گُناهن کان بچڻ، صَدَقي ۽ خَيرات جو جذبو دل ۾ پيدا ڪرڻ،  دُنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوت ِ اسلامي جي مدني ماحول سان هردم وابسته رهو ۽ نيڪين تي اِستقامت جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔

ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”يومِ تَعْطِيل اِعْتِـڪاف“به آهي، تنهنڪري تمام اسلامي ڀائرن سان عرض آهي ته ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ يومِ تَعْطِيل اِعْتِـڪاف جي ترڪيب بڻايو۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَسجِد ۾ رب جي رضا حاصل ڪرڻ جي خاطِر ويهڻ به هڪ عظيم عِبَادَت آهي، جنهن کي اِعْتِڪاف چئبو آهي۔ ڳوٺن ۽ علائقن کان عِلاوه شهر جي نَوَنۡ ۽ ڪمزور علائقن ۾ ماڻهن کي دَعوت اِسلَامي جي مَدَني مَاحَول سان وَابَسته ڪرڻ جي لاءِ جُمُعَي يا اِتوار جي ڏينهن بعدِ فَجر کان نمازِ جُمُعَه يا مَوقعي جي مناسبت سان عَصر کان مَغرِب اِعتِڪاف جي ترڪيب بڻائي ويندي آهي۔

*علائقن مان جيڪي اسلامي ڀاء اطراف/ ڳوٺ ۾ يومِ تعطيل اِعتِڪاف جي لاءِ ويندا آهن، انهن سان گڏ جامعة المدينه جا شاگرد سڳورا به شرڪت جي سعادت حاصل ڪن ته مدينه مدينه * جامعةُ المدينه مان جيڪي شاگرد نَمازِ فَجر جي بعد ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃن، ته انهن سان گڏ ڪنهن اُستاذ صَاحب جي به ترڪيب هئڻ گھرجي * اڳ ۾ سُنّتون ۽ دُعائون سکڻ جا حلقا لڳايا وڃن *