Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

مَجلسِ عُشر ۽اطراف گاؤن

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بدقسمتي سان اڄڪلھ علمِ دين کان دُوري ۽ دُنيا داريءَ  آبادگار مسلمانن کي عُشر ۽ زڪوٰة جهڙي عظيم عِبادَت جي ادائيگي کان پري ڪري رکيو آهي، ان ڪري مُسلمانن جي خير خواهي ۽ عُشْر جي اَھَمِّيت جي پيشِ نظر مُسلمانن ۾ هن عظيم مالي عِبادَت کي اَدا ڪرڻ جو شعور بيدار ڪرڻ ۽ اُنهن کي اَدائگي نه ڪرڻ جي گُناھ کان بچائڻ جي لاءِ تبليغِ قرآن و سُنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت ”مجلسِ عُشْرو اطراف گاؤن“ جو قِيام عمل ۾ آندو ويو آهي۔عُشْر درحقيقت زمين جي زڪوٰة آهي۔ زمين ۾ جيڪي فَصل وغيره ٿين ٿا، ان جو ڏهون (10/1) حِصّو ۽ ڪڏهن ويهون (20/1) حصّو پيداوار جي زڪوٰة فرض ٿيندي آهي، تنهنڪري عُشْر جي ڏينهن ۾ هفتيوار ۽ ٻين سُنّتن ڀري اجتماعن ۾ راھ خدا ۾ خَرچ ڪرڻ جا فضائل بيان ڪري دعوتِ اسلامي کي عُشْر ڏيڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي۔

هن شعبي جا ذِمه دار، عُشر جي وصولي جي لاءِ ڪڏهن جڏهن هارين، زميندارن، باغن جي مالڪن وغيره سان اِنفرادي ڪوشش جي ذريعي رابطو ڪندا رهندا آهن، "ڪسان اجتماعات" جو به اِنعقاد ڪيو ويندو آهي، رِسالو "عُشر جا احڪام" تقسيم ڪري عُشر ڏيڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي۔

خاص ڪري زميندارن کي گھرجي ته عشر جي باري ۾ معلومات جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 48 صفحن تي مشتمل رسالي "عُشر جا اَحڪام" ۽ "چندو ڪرڻ جا شرعي اِحتياط" جو لازمي مُطالَعو ڪن ۽ شريعت جي مُطابق پنهنجي فصل جي زڪوٰة ڪڍڻ جي باري ۾ دارُ الافتاء اهلسنت کان ضرور رهنمائي حاصل ڪن۔