Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جا اَسلاف ۽ بُزرگانِ دين نه صرف پاڻ گھڻو صَدَقو ۽ خَيرات ڪندا هئا، پر ٻين ماڻهن کي به هن نيڪي جي ڪم جي ترغيب ڏياريندي هئا، اچو هن باري ۾ 3 قول ٻڌون ٿا:

اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سيدُنا عَلِيّ الْمُرتضٰي، شيرِخُدا کرَّمَ اللّٰه تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم فرمائن ٿا: جيڪڏهن توهان وٽ دُنيا جي دولت اچي ته ان مان ڪجھ خَرچ ڪيو ڇو ته خَرچ ڪرڻ سان اها ختم ناهي ٿيندي ۽ جيڪڏهن دُنيا جي دولت توهان کان منهن ڦيرڻ لڳي تڏهن به ان مان ڪجھ خَرچ ڪيو ڇو ته ان کي باقي ناهي رهڻو۔([1])

مجھ کو دُنیا کی دولت نہ زَر چاہئے

شاہِ کوثر کی میٹھی نظر چاہئے

(وسائلِ بخشش مُرمّم ،ص513)

﴿2﴾ سخاوت ڇا آهي؟

حضرت سيدُنا حسن بصري رَحْمَۃُ اللّٰهِ تَعَالٰي عَلَيه کان پڇيو ويو ته سخاوت ڇا  آهي؟ فرمايائون: الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ پنهنجو مال خُوب خَرچ ڪرڻ۔ پوءِ پڇيو: حَزم (اِحْتياط) ڇا آهي؟ فرمايائون: الله عَزَّوَجَلَّ جي لاءِ مال روڪي رکڻ۔ پوءِ پڇيو ويو: اِسْراف ڇا آهي؟ فرمايائون: اِقْتِدار جي چاهت ۾ مال خَرچ ڪرڻ۔([2])

 

 

 



[1]…احیاء العلوم،۳/۷۳۸

[2]…احیاء العلوم،۳/۷۳۹