Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّ الدَّالَّ عَلَي الْخَيرِ کفَاعِلِهٖ يعني بيشڪ نيڪي جي راھ ڏيکارڻ وارو ، نيڪي ڪرڻ واري جيان آهي۔([1])

مُفَسِّرِ شَهير،حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: يعني نيڪي ڪرڻ وارو، ڪرائڻ وارو، ٻڌائڻ وارو ۽ مشورو ڏيڻ وارو، سڀ ثواب جا حقدار آهن۔([2])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان جو خُلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان صَدَقي جون فضيلتون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔

v      اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ صَدَقي ۽ خَيرات ڪرڻ جي برڪت سان مال جي سڙڻ، ٻُڏڻ، ۽ چوري ٿيڻ سان حفاظت ٿيندي آهي۔

v      صَدَقي ۽ خَيرات ڪرڻ جي برڪت سان رزق ۾ ڪُشادگي ايندي آهي۔

v      صَدَقي ۽ خَيرات ڪرڻ جي برڪت سان آفتن ۽ بَلائُن کان نجات ملندي آهي، بُري موت ٽرندي آهي پڻ وڏائي ۽ فخر جي باطني بيماري دُور ٿيندي آهي۔

v      صَدَقو، قبر جي گرمي کان حفاظت، عمر ۾ بَرَڪت، جهنم کان آزادي، قربِ الٰهي جي حُصول ۽ جنّت جي طرف هدايت ۽ رهنمائي جو موثَّر ترين ذريعو آهي،

تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ توفيق آهر

 

 



[1]…ترمذی،کتاب العلم،باب ماجاء الدال علی الخیر کفاعلہ،۴/۳۰۵، حدیث:۲۶۷۹

[2]…مرآۃالمناجیح،۱/۱۹۴بتغیر قلیل