Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

آهي۔([1]) ٻن ماڻهن جي وچ ۾ انصاف ڪرڻ، جانور تي سوار ٿيڻ يا سامان کڻڻ ۾ ڪنهن جي مَدَد ڪرڻ، چڱي ڳالھ ڪرڻ، نماز جي ادائگي جي لاءِ هلڻ ۽ راھ مان تڪليف ڏيندڙ شيء کي پري ڪرڻ صَدَقو آهي۔([2]) وڻ لڳائڻ يا فصل پوکڻ جنهن مان ڪو ماڻهو يا جانور کائي اهو به صَدَقو آهي۔([3])

اچو! هاڻي اُنهن صَدَقات جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جنهن کي رسولُ الله صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ني افضل صَدَقو ارشاد فرمايو آهي، يعني جيڪڏهن ڪو مسلمان ان صَدَقات کي اَدا ڪري وٺندو، ته اِنْ شَآءَاللهعَزَّ وَجَلَّ اُن کي افضل صَدَقي جو ثواب حاصل ٿي ويندو اُن مان ڪجھ پيشِ خدمت آهن:

افضل صَدَقات

تنگدست جو وس آهر صَدَقو ڏيڻ([4]) تندرستي جي حالت ۾ صَدَقو ڪرڻ، مال جي حرص جي باوجود صَدَقو ڪرڻ ۽ پنهنجي محتاجي جو خوف هئڻ باوجود صَدَقو ڪرڻ افضل ترين صَدَقات مان آهي([5]) اهڙي طرح ڪنهن مسلمان جو علم ِ دين سکڻ، پوءِ پنهنجي اسلامي ڀاءُ کي سکائڻ۔([6]) بکايل کي پيٽ ڀري کاڌو کارائڻ([7]) رمضان ۾ صَدَقو ڪرڻ۔([8]) ڪينو رکڻ واري رشتييدار کي صَدَقو ڏيڻ۔([9]) رُٺل مسلمانن ۾ صلح ڪرائڻ([10]) جائز سفارش ڪري ڪنهن قيدي کي رهائي ڏيارڻ، ڪنهن جو رت ڪِرڻ کان بچائڻ، پنهنجي مسلمان ڀاءُ

 



[1]…بخاری، کتاب الأدب،باب کل معروف صدقۃ،حدیث:۶۰۲۲،۴/۱۰۵ماخوذاً

[2]…مسلم، کتاب الزکاۃ، باب بیان أن اسم الصدقۃ یقع... الخ،حدیث: ۱۰۰۹،ص۵۰۴ماخوذاً

[3]…مسلم، کتاب المساقاۃ والمزارعۃ، باب فضل الغرس والزرع،حدیث: ۱۵۵۳، ص۸۴۰

[4]…ابو داود، کتاب الزکاۃ،باب فی الرخصۃ فی ذالک،رقم:۱۶۷۷، ۲/۱۷۹ملتقطاً

[5]…بخاری،کتاب الوصایا،باب صد قۃ عند الموت،۲/۲۳۴،حدیث:۲۷۴۸ ماخوذاً

[6]…ابن ماجہ،کتاب السنۃ،با ب:ثواب معلم الناس بالخیر،رقم:۲۴۳، ۱/۱۵۸ماخوذاً

[7]…شعب الایمان،باب فی الزکاۃ، فصل فی اطعام الطعام ...الخ، ۳/۲۱۷،حدیث:۳۳۶۷ماخوذاً

[8]…الترغیب والترہیب ،کتاب الصوم،باب الترغیب فی صوم شعبان...الخ، حدیث:۱۵۴۵،۲/۳۴ماخوذاً

[9]…مستدرک،کتاب الزکاۃ،باب افضل الصدقۃ...الخ،حدیث: ۱۵۱۵،۲/ ۲۷ ماخوذاً

[10]…التر غیب والترھیب، کتاب الادب،الترغیب فی اصلاح بین الناس،حدیث:۴۳۱۴،۳/۳۸۹ماخوذاً