Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

جي لاءِ بيان ڪندس * ڏسي بيان ڪندس * سيپاري 14 سورةُ النحل آيت نمبر 125؛ اُدۡعُ اِلٰي سَبِيۡلِ رَبِّکَ بِالۡحِکۡمَة وَ الۡمَوۡعِظَة الۡحَسَنَة ؕترجمو ڪنزالايمان؛ پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان.“ ۽ بخاري شريف (حديث؛ 4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ بَلِّغُـوا عَنِّی وَلَو اٰيَة([1]) يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ آيت ئي هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اِخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي عِلميّت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مدني قافلي، مدني انعامات ۽ پڻ علاقائي دورو براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جُهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

نابين،گنجي ۽ ڪوڙهيءَ جو امتحان

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل، 412 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”عُيونُ الحڪايات“ جلد 1 جي صفحي نمبر 210 تي صحيح بُخاري شريف جي حوالي سان هڪ رِوايت نقل آهي:

نبي ڪريم،رؤفٌ رَّحِيم صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو ته بني اسرائيل ۾ ٽي(3) شخص هئا انهن مان هڪ بَرَص (يعني رت جي خرابي جي ڪري جسم تي ٿيڻ وارن سفيد نشانن) جو مريض، ٻيو گنجو، ۽ ٽيو نابين هو. الله عَزَّ وَجَلَّ انهن جي آزمائش جي لاءِ (انساني شڪل ۾) هڪ ملائڪ کي واري واري سان انهن



[1]بخاری، ڪتاب احادیث الانبیاء،باب ماذڪر عن بنی اسرائیل،2/462،حدیث:3461