Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

وٽ موڪليو، سڀ کان پهريان اهو بَرَص (يعني ڪوڙھ) واري مريض وٽ آيو ۽ اُن کان پڇيو: توکي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شيءَ پسند آهي؟ان چيو: مون کي سٺي رنگت ۽ خُوبصُورت چمڙي پسند آهي ڇوته (هِنن سفيد نشانن ۽ خراب جِلد جي ڪري) ماڻهو مون کان نفرت ڪندا آهن۔ پوءِ ملائڪ اُن جي جسم تي هٿ ڦيريو ته ان جي اها بيماري ختم ٿي وئي ۽ اُن جي رنگت سٺي ۽ جِلد خُوبصُورت ٿي وئي۔ ملائڪ ٻيهر ان کان پڇيو: توکي ڪهڙو مال وڌيڪ پسند آهي؟ ان چيو: مون کي اُٺ پسند آهن۔ انهيءَ وقت ان کي هڪ ڍُڪي اوٺڙي ڏني وئي ۽ ملائڪ دُعا ڏني: الله عَزَّ وَجَلَّ توکي ان ۾ برڪت ڏئي۔ ان کان پوءِ اهو ملائڪ گنجي وٽ آيو، ان کان پڇيو: تو کي ڪهڙي شيءَ سڀ کان وڌيڪ پسند آهي؟ اُن چيو: مون کي خُوبصُورت وار وڌيڪ پسند آهن ۽ مان چاهيان ٿو ته منهنجي اها گنجاڻ ختم ٿي وڃي، ڇو ته اِن جي ڪري ماڻهو مون کي ناپسند ڪندا آهن۔ ملائڪ ان تي هٿ ڦيريو ته ان جو گنجاڻ ختم ٿي وئي ۽ اُن کي خُوبصُورت وار عطا ڪيا ويا، پوءِ ملائڪ ان کان پڇيو: تو کي ڪهڙو مال وڌيڪ پسند آهي؟ ان چيو: مون کي ڳئون وڌيڪ پسند آهي ۔پوءِ ان کي هڪ ڍُڪي ڳئون ڏني وئي ۽ ملائڪ ان جي لاءِ به دُعا ڪئي ته الله عَزَّوَجَلَّ تو لاءِ هن ۾ برڪت ڏئي۔ آخر ۾ اهو ملائڪ نابين وٽ آيو ۽ اُن کان به پڇيائين ته تو کي ڪهڙي شيء سڀ کان وڌيڪ پسند آهي؟ ان چيو: مون کي هي پسند آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ مون کي اکين جو نور عطا ڪري ته جيئن مان ماڻهن کي ڏسي سگھان۔ ملائڪ ان تي هٿ ڦيريو ته الله عَزَّوَجَلَّ ان کي اکين جي روشني عطا ڪري ڇڏي۔ پوءِ ان کان پڇيائين: تو کي ڪهڙو مال وڌيڪ پسند آهي؟ ان چيو: ٻڪريون۔ پوءِ ان کي هڪ ڍُڪي ٻڪري ڏني وئي۔ هاڻي اوٺڙي، ڳئون ۽ ٻڪريءَ ڦَرَ ڄڻڻ شروع ڪيا ۽ ڪجھ ئي عرصي ۾ انهن ٽنهي جي جانورن ۾ ايترو اِضافو ٿيو جو هڪ جي اُٺن، ٻي جي ڳئون ۽ ٽي جي ٻڪرين سان هڪ هڪ ميدان ڀرجي ويو۔ پوءِ فرشتو اُن بَرَص (يعني ڪوڙھ) جي مَرَض واري وٽ ان جي پهرين صُورت يعني بَرَص جي حالت ۾ آيو ۽ ان کي چيائين: مان هڪ