Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

جي ذهن ۾ هي شيطاني وسوسو اچي ته ”هاڻي ته مسلمانن جي دل آزاري ڪرڻ جي آزادي ملي وئي آهي، جيڪو چاهيو ڪندا رهون، صَدَقي سان سڀئي گُناھ معاف ٿي ويندا“، يقيناً اهو شيطان جو تمام وڏو وار آهي، ڇوته جيڪڏهن هنن گُناهن جي اِرتِڪاب جي کُلي ڇوٽ ڏني وڃي ته مُعاشري ۾ڪنهن جو مال سَلامت نه رهندو ۽ نه ئي عزّت! بلڪ اسان جو مُعاشَره ’’جانورن جي جهنگل‘‘ جو منظر پيش ڪرڻ لڳندو، تنهنڪري جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن مسلمان کي تڪليف ڏني ۽ پوءِ صَدَقو ڏئي پاڻ کي ائين سمجھي ته هاڻي مان بخشي ويس ته يقيناً اها وڏي درجي جي بيباڪي آهي۔  اهڙن کي اللهعَزَّ وَجَلَّ جي خُفيه تدبير کان ڊڄڻ گھرجي، ڇو ته احاديثِ مُبارڪه ۾ مسلمانن جي دل آزاري جي باري ۾ شديد وعيدون بيان ڪيون ويون آهن۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شيخ طريقت، امير اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي تصنيف غيبت جون تباه ڪاريونصفحي 444 تي لکن ٿا ته بيشڪ مسلمان جي تَحقير (يعني ان کي حقير سمجھڻ) يا ان جو مذاق اڏائڻ ۽ دل ڏکائڻ، حرام ۽ جهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔

بَحروبَر جي بادشاھ، ٻنهي عالم جي شَهنشاھ صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: مَنْ اٰذَي مُسْلِمًا فَقَدْاٰذَانِي وَمَنْ اٰذَانِي فَقَدْاٰذَالله يعني جنهن ڪنهن مسلمان کي اِيذاءُ ڏنو، ان مون کي اِيذاءُ ڏنو ۽ جنهن مون کي اِيذاءُ ڏنو، ان الله عَزَّوَجَلَّ کي اِيذاء ڏنو۔([1])

بهرحال اهو سڀ الله عَزَّ وَجَلَّ جي مَشِيّت تي آهي ته جيڪڏهن اهو چاهي ته ڪنهن هڪ گُناھ تي پڪڙ ڪري وٺي ۽ چاهي ته ڪنهن هڪ نيڪي تي يا صرف پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان ائين ئي مغفرت ۽ بخشش جو پروانو عطا



[1]…معجم اوسط،باب السین،من اسمہ سعید،۲/۳۸۷،حدیث:۳۶۰۷