Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي قوم جو هڪ ويڙهاڪ شخص ماڻهن کي گھڻو تنگ ڪندو هو۔ جڏهن ماڻهو ان جي تڪليفن سبب وڌيڪ تنگ ٿيا ته حضرت سيدُنا صالح عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام کي عرض ڪيائون: حُضور! هن شخص جي لاءِ بد دُعا ڪيو، اسان ان کان گھڻو تنگ اچي چڪا آهيون، پاڻ عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام فرمايو: وڃو! اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ! توهان کي ان جي شَر مان ڇوٽڪارو ملي ويندو۔ ماڻهو واپس هليا ويا، اهو شخص روزانو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندو هو ۽ اُنهن کي وڪڻي پنهنجو ۽ پنهنجي گهر وارن جي گُذر بَسَر جو اِنتظام ڪندو هو۔ معمول مطابق ان ڏينهن به اهو جھنگ ويو ان وٽ ٻه مانيون هيون، هڪ پاڻ کاڌي ۽ ٻي صَدَقو ڪيائين، پوءِ وري ڪاٺيون ڪري صحيح سلامت واپس گھر موٽي آيو ۔ ماڻهن جڏهن ان کي صحيح سلامت ايندو ڏٺو ته حضرت سيدُنا صالح عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي خدمت ۾ عرض ڪيائون: حضور! اهو شخص صحيح سلامت آهي، اڃا تائين ان تي ڪنهن قسم جي ڪا به مصيبت نازل ناهي ٿي۔ پاڻ عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ان شخص کي سڏائي فرمايائون: اي نوجوان! اڄ تو ڪهڙو نيڪ ڪم ڪيو آهي؟ چيائين: اڄ معمول مطابق جڏهن مان جهنگ ڏانهن ويس ته مون وٽ ٻه (2) مانيون هيون، هڪ مون کاڌي ۽ ٻي صَدَقو ڪئي، ان کان سواءِ ته ڪو ٻيو نيڪ ڪم مون کي ياد ناهي۔ پاڻ عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام فرمايو: ڪاٺين جي ڀري کول! جڏهن ڀري کولي وئي ته ان ۾ کجور جي ٿُڙ جيترو ٿلهو نهايت ئي زهريلو ڪارو ازدهه (يعني وڏو نانگ) موجود هو۔ حضرت سَيدُنا صالح عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ارشاد فرمايو: اي شخص! تو کي هن خطرناڪ زهريلي ازدھي کان تنهنجي صَدَقو ڪيل هڪ مانيءَ بچائي ورتو۔([1])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                          صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هنن واقعن کي ٻڌي ڪري ممڪن آهي ته ڪنهن



[1]…عیون الحکایات،حصہ دوم،ص ۱۹۷بتغیر قلیل