Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

فرمائي ڇڏي. اسان کي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت مان اُمّيد رکڻ سان گڏوگڏ ان جي خُفيه تدبير کان به هر گھڙي ڊڄندي عافيت جو سوال ڪرڻ گھرجي ۽ پنهنجي نيڪي ۽ صَدَقي يا آئنده توبه ڪرڻ جي ڀروسي تي گُناهن جو سلسلو جاري رکڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي۔

مُفَسّرِ شهير حڪيمُ الْاُمَّت حضر ت ِ مفتي احمد يار خان رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه نورُالعرفان صَفحَي 376 تي سوره يوسُف جي آيت نمبر 9 جي تَحت فرمائن ٿا: توبه جي اِرادي سان گُناھ ڪرڻ ڪفر آهي۔ هڪ هنڌ تي ڪجھ وڌيڪ وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: توبه جي اِرادي سان گُناھ ڪرڻ ڪفر آهي جو ڀلا گُناھ ۾ حرج ئي ڇا آهي؟ سڀاڻي توبه ڪري وٺنداسين، اها توبه ناهي بلڪ شريعت جو مذاق اڏائڻ آهي ۽ خدا تعاليٰ تي اَمن (يعني ان کان بي خوف ٿيڻ آهي ۽ ) اهي ٻئي ڳالهيون ڪفر آهن۔([1])

حضرت شيخ ابنِ عَبّاد شاذلي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کان منقول آهي: اهلِ معرفت چون ٿا ته اها ڪوڙي اُمّيد جيڪا ماڻهو کي مغرور ۽ عمل کان غافل ڪري، گُناهن تي دَلِير بڻائي، حقيقت ۾ اُمّيد ئي ناهي، بلڪ شيطان جي طرفان ڌوڪو ۽ فريب آهي۔ اهڙي طرح حضرت سَيدُنا معروف ڪرخي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمايو: الله عَزَّوَجَلَّ جي اَحڪام جي نافرماني ڪندي رحمت جي اُمّيد رکڻ جهالت ۽ بيوقوفي آهي ۔([2])

آہ! طُغیانیاں گناہوں کی          پارنیّا مِری لگا یا ربّ

نفس و شیطان ہو گئے غالب     اِن کے چُنگل سے تُو چُھڑا یا ربّ

(وسائلِ بخشش مُرمّم ،ص79)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 



[1]…مرآۃ المناجیح،۳/۳۶۰

[2]…اشعۃ اللمعات،کتاب الرقاق،باب استحباب المال والعمرللطاعۃ،الفصل الثانی،۴/۲۵۲-۲۵۱