Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

سٺين نِيّتن سان هٿون هٿ فون وصول ڪريو ۽  SMSجو جواب به ڏئي ڇڏيو، اهو به ٿي سگهي ٿو ته فـون ڪـندڙ کـي ڪـا ايمرجنسي پيش آئي هجي، اوهان جيڪڏهن ڪنهن سخت مجبوري تحت فون وصول نه ڪري سگهيو ، ته پوءِ هاڻي ڪجهه وقت کانپوءِ توهان ان کي فون ڪريو ۽ ان جي دل خوش ڪري آخرت جي ثواب جا حقدار ٿيو. مسلمان جي دل خوش ڪرڻ جي ثواب جي به ڇا ڳالهه آهي، دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 743 صفحن تي مُشتَمِل ڪتاب ”جنت میں لے جانے والے اعمال“ جي صفحي نمبر 534 تي آهي حضرت سيّدنا ابنِ عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا کان روايت آهي ته نبِيّن جي سَروَر، ٻنهي جَهانَن جي تاجوَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته :الله عَزَّوَجَلَّ وٽ فرضن جي ادائگي کانپوءِ سڀ کان اَفضل عمل مسلمان جي دل ۾خوشي داخل ڪرڻ آهي.

                                  (اَلمُعجَمُ الڪَبير لِلطبراني ج11 ص 59 حديث 11079)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! موبائل فون کان علاوه ٻين طريقن سان بد گماني کي دل ۾ جڳهه ڏني وڃي ٿي، حالانڪه اڪثر مقامات تي سٺي گمان کان ڪم وٺندي ثواب حاصل ڪري سگهجي ٿو. شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت
دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا؛ سٺي گمان ۾ ڪو نقصان ناهي ۽ بد گماني ۾ ڪو فائدو ناهي. اچو! سٺي گمان جي عادت کي پختو ڪرڻ جي لاءِ سٺي گمان جا فائدا ۽ بد گماني جا نقصانات ٻڌون ٿا.