Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

مسافرن جي برڪت آهي. ڳالهه هي آهي ته توهان جيڪو طعام کاڌو هيو، ان مان ڪجهه بچي پيو هو، اسان توهان جي اوبر وارو کاڌو شفا جي نيّت سان پنهنجي معذور ٻار کي کارايو ۽ اوبر واري پاڻيءَ سان ان جي جسم جي مالش ڪئي، الله عَزَّوَجَلَّ توهان جهڙن نيڪ ٻانهن جي اوبر واري کاڌي ۽ پاڻيءَ جي برڪت سان اسان جي معذور ٻار کي شِفا عطا فرمائي. جڏهن ڌاڙيلن اهو ٻُڌو ته انهن جي اکين مان ڳوڙها جاري ٿي ويا، روئندي انهن چيو، اهو سڀ توهان جي سٺي گمان جونتيجو آهي، نه ته اسان ته سخت گناهگار آهيون، ٻُڌو اسان راههِ خُدا عَزَّوَجَلَّ جا مسافر نه پر ڌاڙيل آهيون، الله عَزَّوَجَلَّ جي هن ڪرم نوازيءَ اسان جي دل جي دنيا کي بدلائي ڇڏيو آهي. اسان توهان کي گواهه بڻائي ڪري توبهه ٿا ڪريون. پوءِ انهن توبهه ڪري نيڪيءَ جو رستو اختيار ڪيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين توبهه تي ثابت قدم رهيا. (ڪتاب القليوبي ص 20) 

الله عَزَّوَجَلَّ جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي مغفرت ٿئي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!             صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

فيضان سنّت جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سٺي گمان جي برڪتن سان مالامال بيان ڪيل عظيم الشّان حڪايت فيضانِ سنت جلد اول ۾ موجود آهي. فيضانِ سنّت امير اهلسنّت، باني دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو لکيل عظيم الشان ڪتاب آهي. فيضان سنت جلد اوّل ۾ چار باب آهن. (فيضانِ بسم الله، آدابِ طعام، پيٽ جو قفل مدينه ۽ فيضانِ رمضان). فيضانِ سنّت جلد اوّل ۾ پهريون باب فيضانِ