Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس & نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس & شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس & مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس & ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس & نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

معذور گهمڻ ڦرڻ لڳو

 ڌاڙيلن جي هڪ جماعت ڦرمار ڪرڻ لاءِ نڪتي، انهيءَ دؤران رات هڪ مسافرخاني ۾ ترسيا، ۽ اتي هي ظاهر ڪيائون ته اسان راههِ خدا عَزَّوَجَلَّ جا مسافر آهيون ۽ جهاد جي لاءِ نڪتا آهيون. مسافر خاني جو مالڪ نيڪ ماڻهو هو. ان خدا جو راضپو حاصل ڪرڻ جي نيّت سان انهن جي خوب خدمت ڪئي. صبح جو اهي ڌاڙيل ڪيڏانهن روانا ٿي ويا، ۽ ڦرمار ڪري واپس اتي ئي اچي پهتا، گذريل رات مسافــرخاني واري جي جنهن نينگر کي گهمـڻ ڦـرڻ کان معذور ڏٺو هـئائون، اهو اڄ بــغـير ڪنهن تڪليف جي گهمي ڦري رهيو هو! انهن حيرت سان مسافرخاني واري کان پُڇيو، ته ڇا هي اهو ڪالهوڪو معذور نينگر ناهي؟ ان وڏي احترام سان جواب ڏنو، جي ها، هي اهو ئي آهي. پُڇيائون، هيءُ ڪيئن صحتمند ٿي ويو؟ جواب ڏنائين هي سڀ توهان جهڙن راههِ خدا عَزَّوَجَلَّ جي