Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

حُسنِ ظن جا فائدا

حُسنِ ظن قائم ڪرڻ جا گهڻائي فائدا آهن:

(1)      حُسنِ ظن جي برڪت سان ماڻهو بدگماني کان بچي ڪري عظيم ثواب ڪمائي ٿو.      

(2)      حُسنِ ظن قائم ڪرڻ جي برڪت سان هڪ مسلمان ڀاءُ جي عزت محفوظ ٿيندي آهي.

(3)      جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي باري ۾ حُسنِ ظن ان کي سُڪون قلب نصيب ٿيندو آهي ۽ جيڪو بدگماني جي بُري عادت ۾ مُبتلا هوندو آهي ان جي دل ۾ وحشتن جو گهر هوندو آهي.

(4)      سڀ کان پهريان حُسنِ ظن قائم ڪرڻ جي صورت ۾ ماڻهن کي الله عَزَّوَجَلَّ ۽ هن جي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا حاصل ٿيندي آهي.

بدگماني جا نقصان

بدگماني جي گهڻائي نقصان آهن. انهن مان چند هي آهن.

1.         جيڪڏهن سامهون واري تي پنهنجي بدگماني جو اظهار ڪيو ته هن جي دل آزاري جو قوي انديشو آهي ۽ بغير اجازت شرعي مسلمان جي دل آزاري حرام آهي.

2.         جيڪڏهن هن جي غير موجودگي ۾ ڪنهن ٻئي تي اظهار ڪيو ته غيبت ٿي ويندي ۽ مسلمان جي غيبت ڪرڻ حرام آهي.