Share this link via
Personality Websites!
1. بدگماني جي نتيجي ۾ تجسس پيدا ٿي ويندو آهي ڇو ته دل محض گُمان تي صبر ناهي ڪندو بلڪه تحقيق طلب ڪندو آهي جنهن جي سبب سان انسان تَجَسُّس ۾ پئجي ويندو آهي ۽ تَجَسُّس يعني پنهنجي مُسَلمان ڀاءُ جا گناهن جي ٽَوهه يعني تلاش ۾ رهڻ هي به ممنوع آهي.
2. بدگماني کان بغض، حَسَد، ڪينو، نفرت ۽ عَداوت جهڙا باطني اَمراض به پيدا ٿيندا آهن. (فتح الباري، ج10 ص 410، حديث: 6066)
3. ڳالهه ڳالهه تي بدگماني ڪرڻ واري شخص سان ماڻهو ڪترائيندا آهن ۽ اهو شخص ماڻهن جي نگاهن ۾ ذَليل ئي هوندو آهي.
خُدایا عطا کر دے رحمت کا پانی
رہے قَلب اُجلا دُھلے بد گُمانی
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرؤ! حُسنِ ظَن جي عادت بنائڻ جي لاءِ چند طريقا به ٻڌي وٺو.
مسلمان جي خامين جي ٽٽول جي بجاءِ ان جي خوبين تي نظر رکو. غيبت ڪرڻ وارن، چغل خورن ۽ پاڪيزه ماڻهن جا عيب تلاش ڪرڻ وارن کي الله عَزَّوَجَلَّ (قيامت جي ڏينهن ڪَتّي جي شڪل ۾اٿاريندو.
(الترغيب الترهيب ج 3 ص 325 حديث: 10ملتقطاً)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami