Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

ڪاش! اسان به نيڪ مسلمانن کان سٺو گمان رکڻ نصيب ٿي وڃي. ڪاش! اسان به پنهنجي ديني استاد کان، پنهنجي امام صاحب کان، پنهنجي نگران کان سٺو گمان رکڻ نصيب ٿي وڃي.   آمين

آئیں نہ مجھے وسوسے اور گندے خیالات

دے ذہن کا اور دل کا خدا قفلِ مدینہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي کان هي به معلوم ٿيو ته  جڏهن هڪ عام مسلمان جي اوبر ۾ شفا آهي ته هڪ نيڪ، متقي، پرهيزگار ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي ولي جي اوبر ۾ برڪتن جو ڪهڙو سمنڊ جوش ماريندو هوندو.

مفلوج کي هٿو هٿ شفايابي

اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ صلوٰة و سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ مسجـدن ۾ اجتماعي اعـتڪاف جو سلسلو هوندو آهي، جنهن ۾ معتڪفين جي سنّتن ڀري تربيت ڪئي ويندي آهي. معاشري جا ڪيترائي بگڙيل ماڻهو اعتڪاف ۾ گناهن کان تائب ٿي زندگي جي نئين دؤرجو آغاز ڪندا آهن.ڪڏهن ڪڏهن رب ڪائنات عَزَّوَجَلَّ جي عنايتن سان ايمان افروز ڪرشما به ظاهر ٿيندا آهن، جيئن ته رمضان المبارڪ 1425هه جي اجتماعي اعتڪاف ۾ دعوتِ اسلاميءَ جي عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينہ باب المدينہ ڪراچي ۾ جتي تقريبًا 2000 معتڪفين هئا، انهن ۾ ضلعي چڪوال (پنجاب) جا 77 ورهين جا پيرسن بزرگ حافظ محمّد اشرف صاحب به معتڪف ٿي ويا، حافظ صاحب جي هٿ ۽