Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

آهي، مسلمان ڀاءُ جي اوبر يعني بچيل پاڻي پيءُ ڇڏڻ 70 درجات جي بلندي جو سبب آهي، مسلمان ڀاءُ جي اوبر يعني بچيل پاڻي پيءُ ڇڏڻ 70 گناهن کي مٽائي ڇڏڻ جو سبب آهي، مسلمان ڀاءُ جي اوبر يعني بچيل پاڻي پيءُ ڇڏڻ 70 نيڪين لکي ڇڏڻ جو سبب آهي.

گناہوں سے مجھ کو بچا یا الٰہی      بری عادتیں بھی چھڑا یا الٰہی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

زرد چهري وارو موچي

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو اردو ۾ ڇپيل ڪتاب

”عُيونُ الحڪايات حصو اوّل“ جي صفحي نمبر 166 تي حڪايت نمبر 74 آهي؛

حضرت سيّدُنا خلد بن ايوب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ ”بني اسرائيل جي هڪ عابد جبل جي چوٽي تي 60 سالن تائين الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ڪئي. هڪ رات ان خواب ڏٺو ته ڪير چوڻ وارو چئي رهيو هو؛ ”فلان موچي تو کان وڌيڪ عبادت گذارآهي ۽ ان جو مرتبو تو کان وڌيڪ آهي.“

جڏهن اهو عابد ننڊ کان جاڳيو ته خواب جي باري ۾ سوچيو، پوءِ پاڻ ئي چوڻ لڳو؛ ”هي ته محض خواب آهي، ان جو ڪهڙو اعتبار“ تنهن ڪري ان خواب جي طرف توجهه نه ڏني، ڪجهه عرصي کان پوءِ ان کي ٻيهر انهيءَ طرح خواب ۾چيو ويو ته فلان موچي تو کان افضل آهي. پر هن ڀيري به ان خواب جي طرف ڪا توجهه نه ڏني، ٽئين ڀيري وري ان کي خواب ۾ انهي طرح چيو ويو. هر گهڙي خواب ۾ جڏهن ان موچي جي فضليت جي باري ۾