Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

بيان ڪيل آخري حديثِ مبارڪه جي تحت مُفسِّر شَهِير حَڪِيمُ الاُمت مُفتِي اَحمد يار خان عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْـمَنَّانْ هن حديثِ پاڪ جا مختلف مطلب بيان ڪندي لکن ٿا. يعني مسلمانن کان سٺو گمان ڪرڻ، انهن تي برو گمان نه ڪرڻ به سٺي عبادتن مان هڪ عبادت آهي. (مراٰة المناجيح ج6 ص 621)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقينًا ڪنهن مسلمان جي باري ۾ سٺو گمان رکڻ نيڪي آهي پر شيطان لعين اسان کي ان کان روڪڻ جي پوري ڪوشش ڪندو ۽ هر گهڙي وار ڪندو ته جيئن اسان ڪهڙي طرح بد گماني ۾ مبتلا ٿي وڃون. ڪڏهن ڪڏهن شيطان ڪنهن مسلمان جي باري ۾ بد گماني پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڌوڪو ڏيندو آهي ته هي تنهنجي هوشياري ۽ ذهانت آهي ۽ جيئن ته تون مومن آهين ۽ مومن الله عَزَّوَجَلَّ جي نور سان ڏسندو آهي ته تون پنهنجي مومنانه فراست سان حقيقت جو سراغ ڪڍي ورتو آهي، حالانڪه حقيقت ۾ اهو ان وقت شيطان جي فريب جو شڪار ٿي  بد گماني جي گناهه ۾ مبتلا ٿي رهيو هوندو آهي. انهي طرح فون تي ڪا اهم ڳالهه ڪرڻي هجي ته  هڪ ٻه ڀيرا جواب نه ملڻ تي ته سٺو گمان اچي ويندو آهي پر وقفي وقفي سان ڪجهه ڀيرا ڪال ڪرڻ  تي به جڏهن  ٻئي پاسي کان ڪال رسيو نه ٿئي ته هاڻي بد گمانيون، غيبتون، تهمتون ۽ دل آزاريون جو نه رڪجڻ وارو سلسلو شروع ٿيندو آهي اَلۡامَان وَالۡحَفِيظ. اهڙن موقعن تي  جيڪڏهن ڪو سٺو گمان رکڻ، بد گمانين کان بچڻ ۽ صله رحمي ڪرڻ تي مشتمل نيڪي جي دعوت پيش ڪري ته ان کي به بري طرح ڳالهايو ويندو آهي. حالانڪه جيسيتائين ڪا واضح ڳالهه سامهون نه ٿي اچي اسان کي سٺي گمان گمان کان ئي ڪم وٺڻ گهرجي. شيخِ طريقت امير اهلسنت باني دعوت اسلامي