Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

ويب سائٽ  www.dawateislami.net تان مفت پڙهي سگهجي ٿي، ڊائون لوڊ ۽ پرنٽ آئوٽ به ڪري سگهجي ٿو. فيضانِ سنّت جلد اوّل جيڪڏهن مخيّر اسلامي ڀائر پنهنجي مرحومين کي ايصالِ ثواب جي لاءِ خريد ڪري مسجدن ۽ مدرسن، دفترن ۽ ڪارخانن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي لاءِ وقف ڪن يا درس ڏيڻ وارن کي تحفةً ڏين ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ثواب جا انبار لڳي ويندا.

مجھے درسِ فیضانِ سنّت کی توفیق            ملے دن میں دو مرتبہ یا الٰہی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! فيضانِ سنّت جلد اوّل مان بيان ڪيل هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته مسلمان تي سٺي گمان جون تمام گھڻيون برڪتون آهن، حسنِ ظن جو مطلب آهي سٺو گمان رکڻ، سٺو خيال رکڻ مثلًا فلان شخص ڏاڍو نيڪ آهي، منهنجو مرشد، الله عَزَّوَجَلَّ جا ولي آهن. منهنجا نگران تمام گهڻيون نيڪيون ڪرڻ وارا آهن وغيره.

سٺي گمان جون برڪتون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مسافر خاني جي مالڪ ڌاڙيلن جي جماعت کان سٺو گمان رکيو۽ انهن جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ انهن جو اوبر وارو (يعني جوٺو) کاڌو تبرڪ جي طور تي پنهنجي معذور ٻار کي کارايو ۽ انهن جي اوبر وارو پاڻي پنهنجي ٻار جي بدن تي مليو ته الله تعالٰي سٺي گمان جي برڪت سان ان معذور ٻار کي شفا عطا فرمائي ڇڏي .

هي سٺي گمان ئي جي برڪت هئي جو ڌاڙيلن جي جماعت به توبهه ڪري نيڪي جي رستي تي هلڻ لڳا ۽ ثابت قدم رهيا.