Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

مِرا تَن صَفا ہو مِرا مَن صَفا ہو

خدا! حُسنِ ظَن کا خزانہ عطا ہو

(4) دُعاءِ خير ڪيو

جڏهن به ڪنهن اسلامي ڀاءُ جي لاءِ بدگماني پيدا ٿئي ته هن جي لاءِ دُعا خير ۽ هن جي عزت ۽ اڪرم ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. حجة الاسلام حضرت سيّدنا امام ابُو حامد محمّد بن محمّد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: جڏهن توهان جي دل ۾ ڪنهن مسلمان جي باري ۾ بدگماني اچي ته توهان کي گهرجي ته ان جي عزت جي لاءِ دعاءِ خير ڪيو، ڇو جو هيءَ شيء شيطان کي غصّو ڏياريندي آهي ۽ شيطان کي توهان کان پري ڀڄائيندي آهي. ائين شيطان ٻيهر توهان جي دل ۾ بُرو گمان ڏيارڻ کان ڊڄندو ڪٿي توهان پنهنجي ڀاءُ جي رعايت ۽ هن جي لاءِ دُعاءِ خير ۾ مشغول نه ٿي وڃو. (اِحياءُ العلوم ج3 ص 187)

مجھے غیبت و چُغلی و بد گمانی  کی آفات سے تُو بچا یا الہٰی

(5) سٺي صحبت اختيار ڪيو

بُري صُحبت کان بچي ڪري نيڪ صبحت اختيار ڪيو، جتي هن جون ٻيون برڪتون حاصل ٿينديون حُسنِ ظَن جي عادت به بڻجندي.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حُسنِ ظَن جي عادت بڻائڻ ۽ بدگماني کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ تبليغِ قرآن و سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيو. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مدني ماحول جي برڪت سان اعلٰي اخلاقي اوصاف غير محسوس طور تي توهان جي ڪردار جو حصو بڻجي ويندا. پنهنجي شهر ۾ ٿيڻ واري دعوت اسلامي جي هفته