Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

(2) بدگماني هجي ته توجُّه هٽائي ڇڏيو

جڏهن به ڪنهن مسلمان جي باري ۾ دل ۾ بُرو گُمان اچي ته ان کي فوراً هٽائي ڇڏيو ۽ ان جي عمل تي سٺو گمان قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو. مثلاً ڪنهن اسلامي ڀاءُ کي نعت يا بيان ٻڌي روئندي ڏٺو توهان جي دل ۾ هن جي متعلق رياڪاري جي بدگماني پيدا ٿي ته فوراً هن جي اخلاص سان روئڻ جي باري ۾ حُسنِ ظن قائم ڪرڻ گهرجي. جَلِيۡلُ الۡقَدر تابعي حضرت سَيِدُنا سعيد بن مسيّب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  فرمائيند آهن: ”اصحابِ رسول رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم مان منهنجي ڪجهه ڀائرن مون کي  لکي ڪري مڪليو ته پنهنجي مُسلمان ڀاءُ جي فعل کي سٺي صُورت تي محمول ڪيو جيستائين هن جي خلاف دليل غلب نه اچي وڃي ۽ ڪنهن مُسلمان ڀاءُ جي زبان کان نڪرڻ واري جملي کان ان وقت تائين برو گمان نه ڪجو، جيستائين توهان ان کي ڪنهن سٺي صُورت تي محمول ڪري سگهو ٿا ۽ جيڪو خود پنهنجو پاڻ کي تهمت جي لاءِ پيش ڪري ان کي پاڻ کان سوا ڪنهن کي ملامت نه ڪرڻ گهرجي. (شعب الايمان في حسن الخلق، فصل في ترڪ الغضب، الحديث 8345، ج 6، ص 323)

(3) خُود نيڪ بڻجو تان جيئن ٻيا به نيڪ نظر اچن

پنهنجي اصلاح جي ڪوشش جاري رکو ڇو ته جيڪو خود نيڪ هجي اهو ٻين جي باري ۾ به نيڪ گُمان (يعني سٺو خيال) رکندو آهي جڏهن ته بُري شخص کي ٻين ۾ به برائي نظر ايندي آهي. عَرَبي مَقُوله آهي:

اِذَا سَاءَ فِعْلُ الْمَرْیِٔ سَاءَتْ ظُنُوْنُہٗ (يعني جڏهن ڪنهن جا ڪم خراب هوندا آهن ته ان جي گُمان (يعني خيال) به خراب ٿي ويندا آهن.)