Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

وار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ۽ راهه خدا عزوجل ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقان رسول جي مدني قافلي ۾ سفر ڪيو، مدني قافلي ۾ سفر جي برڪت سان پنهنجي گذريل زندگي تي غور ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ دل حُسنِ عاقبت جي لاءِ بي چين ٿيندو ، جنهن جي نتيجي ۾ گناهن ڪرڻ تي ندامت محسوس ٿيندي ۽ توبه جي توفيق ملندي، عاشقانِ رسول جي مدني قافلن ۾ مسلسل سفر جي نتيجي ۾ زبان تي فُحُش ڪلامي ۽ فضول گوئي جي جڳهه تي درود پاڪ جاري ٿيندو، هي تلاوتِ قرآن، حمد الٰهي ۽ نعتِ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عادي بڻجي ويندي. غصّو ختم ٿي ويندو ۽ ان جي جڳهه نرمي اچي ويندي، بي صبري جي عادت ترڪ ڪري صبر ۽ شڪر ۾ رهڻ نصيب ٿيندو، بدگماني جي عادت به نڪري ويندي ۽ حُسنِ ظَن جي عادت بڻجندي، تڪبّر کان جان ڇٽي ويندي ۽ احترام مُسلم جو جذبو ملي ويندو، دُنياوي مال ۽ دولت جي لالچ کان جان ڇٽي ويندي ۽ نيڪين جي حرص ملي ويندي، الغرض! بار بار راههِ خدا عَزَّوَجَلَّ ۾ سفر ڪرڻ وارن جي زندگي ۾ مدني اِنقلاب پيدا ٿي ويندو.

گنہگار آؤ! سِیہ کارو آؤ !               گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پلا کر مئے عشق دیگا بنا یہ            تمہیں عاشقِ مُصطفیٰ مَدَنی ماحول

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مرضِ عصيان کان نجات

بابُ المدينه (ڪراچي) جي علاقي ملير جي رهائش پذير اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته مان هڪ فيشن پرست نوجوان هيس. فلمن ڊرامن، گانن باجن جو شيدائي، آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي پياري پياري سنت