Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اهڙي موقعي تي سٺي گمان جي ترغيب ڏيندي ارشاد فرمائن ٿا؛

موبائل فون

ڪنهن کي ڪجهه ڀيرابلڪ 100 ڀيرا به فون يا SMS يا اي ميل ڪيو هجي ۽ جواب نه مليو هجي ته به پنهنجي مسلمان ڀاءُ کان حُسنِ ظن (سٺي گمان) کان ڪم وٺي بهترين عبادت جو ثواب ڪمائي ڇڏيندا ڪريو، جيئن ته

”يعني سُٺو گُمان ڪرڻ بهترين عبادت مان آهي (سُنَنِ ابي داود ج4 ص 387 حديث 4993) ان ڪري سٺو گمان رکو ته جواب نه ڏيڻ ۾ ان جي ڪا نه ڪا مجبوري هوندي ـ وڌيڪ ان مسئلي تي به نظر رکو ته فرض ڪيو ته ڪنهن ڄاڻي واڻي به فون وصول نه ڪيو يا اوهان جي SMS يا اي ميل جو جواب نه ڏنو ته شريعت مطابق ان جو گنهگار ٿيڻ ضروري ناهي، نه ته جنهن جنهن وٽ فون هوندي اهو هر هر گنهگار ٿيندو رهندو۔ خود توهان پاڻ به ته هر ڪنهن جو هر فون وصول نه فرمائيندا هوندؤ، پر افسوس!فون جو جواب نه ملڻ تي شيطان گهڻن ماڻهن کي ڪڏهن ڪڏهن سڀ ڪجهه وساري ڪاوڙ وچان چريو ڪري ڇڏي ٿو، ان ڪري ٿڌي دماغ کان ڪم وٺو. جيڪـڏهـن تـوهان ڪـاوڙ ۾ صبـر کان ڪـم نه ورتو ته پوءِ غيبتن، تهمتن، بدگمانين وارا جملا واتان نڪري سگهن ٿا

فون وصول ڪري ثواب ڪمايو

فون وصول ڪرڻ وارن کي مدني گلن سان نوازيندي ارشاد فرمائن ٿا بيشڪ هرڪنهن جو فون وصول ڪرڻ واجب نه آهي پر مسلمان جي دل رکڻ لاءِ ۽ ان کي غيبتن، تُهمَتن، بدگُمانين وغيره گناهن کان بچائڻ جي لاءِ سٺين