Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

حضرت سيدنا بڪر بن عبدالله مُزَني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن ڪنهن پوڙهي کي ڏسندا ته فرمائيندا؛ ”هي مون کان بهتر آهي ۽ مون کان پهريان الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ڪرڻ جو شرف رکي ٿو ۽ جڏهن ڪنهن نوجوان کي ڏسندا ته فرمائيندا ته هي مون کان بهتر آهي ڇو ته مان هن کان وڌيڪ گناهن جو مرتڪب ٿيو آهيان“ پڻ هي به فرمائيندا هئا ته ”پاڻ تي اهڙو ڪم لازم ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن ان کي پورو ڪريو ته اجر ۽ ثواب جا حقدار بڻجو ۽ جيڪڏهن عمل نه ڪري سگهو ته گنهگار نه ٿيو ۽ اهڙن ڪمن کان بچو جو جيڪڏهن پورو ڪيو ته اجر نه پايو ۽ رهجي وڃي ته گنهگار ٿيو“ پڇيو ويو؛ ”اهو ڇا آهي؟“ فرمايائين؛ ”ماڻهن کان بد گماني رکڻ، ڇو ته جيڪڏهن گمان درست ثابت ٿيو، توهان کي ان تي اجر ۽ ثواب نه ملندو، پر جيڪڏهن گمان غلط ثابت ٿيو ته گنهگار ٿيندو“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله وارن جي شان تان قربان وڃون! ڪهڙي طرح پنهنجو پاڻ کي مسلمانن جي بد گماني کان بچائيندا هئا ۽ سٺي گمان جي ترڪيب بڻائيندا هئا، ڪاش! اسان به انهن جي صدقي ۾ بد گماني کان بچي ڪري هر مسلمان جي باري ۾ سٺو گمان رکڻ نصيب ٿئي.

پاره 26 سورة الحجرات آيت نمبر 12 ۾ ارشادِ ربّاني آهي؛

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اجۡتَنِبُوۡا کَثِیۡرًا  مِّنَ الظَّنِّ ۫ اِنَّ  بَعۡضَ الظَّنِّ   اِثۡمٌ

 

ترجمو ڪنزالايمان؛ اي ايمان وارو! گھڻن گمانن کان بچو. بيشڪ ڪو گمان گناهه ٿي ويندو آهي.

 

هن آيتِ ڪريمه ۾ بعض گمانن جي گناهه قرار ڏيڻ جو سبب بيان ڪندي امام فخرالدين رازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا؛ ”ڇو ته ڪنهن شخص جو ڪم