Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو ۽ خوب ياد رکو! هن فاني دنيا ۾ پنهنجي زندگي جي مختصر ڏينهن گذارڻ کان پوءِ اسان اونداهي قبر لاٿو ويندو، ڪا خبر ناهي ڪيتري عرصي تائين اسان کي قبر جي وحشت ۽ تنهائي ۾ رهڻو پوندو، پوءِ جڏهن ميدانِ محشر ۾ اسان پنهنجي خالق ۽ مالڪ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿينداسين ته اسان کي پنهنجو هر هر عمل پنهنجي نامه اعمال ۾ لکيل ڏيکاريو ويندو، جيئن ته قرآنِ ڪريم پاره 30، سورة الزلزال، آيت نمبر 6،7،8 ۾ ارشاد ٿئي ٿو؛

یَوۡمَئِذٍ یَّصۡدُرُ  النَّاسُ اَشۡتَاتًا ۬ۙ لِّیُرَوۡا اَعۡمَالَہُمۡ ؕ﴿۶﴾فَمَنۡ یَّعۡمَلۡ مِثۡقَالَ ذَرَّۃٍ خَیۡرًا یَّرَہٗ ؕ﴿۷﴾ وَ مَنۡ یَّعۡمَلۡ مِثۡقَالَ ذَرَّۃٍ  شَرًّا یَّرَہٗ ٪﴿۸﴾

 

ترجمو ڪنزالايمان؛ ان ڏينهن ماڻهو پنهنجي رب جي طرف موٽندا. مختلف رستا وٺي. جئين سندن عمل اکين ڏيکاريا وڃن.پوءِ جيڪو ذري برابر چڱائي ڪري ان کي ڏسندو ۽ جيڪو ذري برابر برائي ڪري ان کي ڏسندو.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان نه ٿا ڄاڻيون ته الله تعالٰي جي بارگاهه کان اسان جي لاءِ بخشش جو حڪم ٿيندو يا معاذ الله عَزَّوَجَلَّ جهنّم ۾ وڃڻ جو حڪم ڏنو ويندو.

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہوگی           ہائے! میں نارِ جھنم میں جلوں گا یا ربّ

عفو کر اور سدا کے لیے راضی ہو جا       گر کرم کر دے تو جنّت میں رہوں گا یا ربّ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي مطبوعه ڪتاب
”الله وارن جو ڳالهيون جلد 2“ ۾ آهي؛