Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

جي هَوَس (يعني لالچ) ۾ گرفتار هئا، انهن جون دليون پٿر کان به وڌيڪ سخت ٿي چڪيون هيون، انهن تي بد بختي ۽ شيطانيّت غالب اچي چڪي هئي، تنهنڪري انهن تي مظلومِ ڪربلا، امامِ عالي مقام، امام حُسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مُخلصانه نصيحتن ۽ ارشادن جو ڪو اثر نه ٿيو، ڇو ته اُهي خُونخوار درندا ته اوهان جي خُون جا پياسا هئا، تنهنڪري نصيحتن جي باوجود سندن سان جنگ ڪرڻ تي بَضد رهيا.

اسان جي غيب دان آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي جيئن ته ڪربلا جي واقعي جو پهريان کان ئي علم هو ۽ خبر هئي ته مون تي ڪلمو پڙهڻ وارا ئي منهنجي اهلبيت کي خاڪ ۽ خون ۾ آڻيندا ، تنهنڪري وِصالِ ظاهري کان پهريان ئي حضرتِ سَيِّدُنا عليُ المرتضيٰ، حضرتِ سَيِّدتُنا فاطمةُ الزّهره ۽ حَسَنَيۡن ڪريمين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم اجمعين کي فرمائي ڇڏيو هو اَنَا سِلۡمٌ لِمَنۡ سَالَمۡتُمۡ، وَحَرۡبٌ لِمَنۡ حَارَبۡتُمۡ يعني جيڪو توهان سان صُلح ڪندو، مان ان جي لاءِ صُلح ڪرائڻ وارو آهيان ۽ جيڪو توهان سان جنگ ڪندو، مان ان سان جنگ ڪرڻ وارو آهيان.

(ابن ماجه، ج 1، ص 97، حديث 145)

لهٰذا جنهن غَليظ اقتدار جي خاطر انهن بدڪردار ۽ بداطوار يزيدين الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مهاڏو اٽڪائيندي ميدانِ ڪربلا ۾ خاندانِ اهلبيت تي ظُلم ۽ ستم شروع ڪيا، اُهو اقتداار انهن جي لاءِ تباهي ۽ بربادي جو پروانو ثابت ٿيو. اچو ته پهريان يزيدي فوج جي بدبختن جي مجموعي انجام جي باري ۾ ٻُڌون ٿا ۽ پوءِ يزيد پليد جي درد ناڪ انجام جي باري ۾ ٻڌنداسين.