Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

رسول، حضرت سَيِّدُنا اِمام حُسَين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سميت ڪم و بيش ٻاهتر (72) قابلِ اِحتِرام ہستين سان نه صرف اِنتہائي نامناسب سُلوڪ ڪيو بلڪه اُنهن مان ڪيترن جي خُونِ ناحق سان به پنهنجي هٿن کي رنگي ڪري ظُلم ۽ زِيادَتي جو اهو طوفانِ بدتميزي برپا ڪيو جنهن جو داستان عاشقانِ صحابه و اہلبيت جي لاءِ اِنتہائي اَذِيت جو باعِث آهي۔ يزيد پليد، اِبنِ زِياد ۽ جيڪي ماڻهو ان بد بختن سان گڏجي اُن مُبارَڪ هستين کي اِيذاء ڏنو ۽ شَہادت جا ذِمّي دار بڻيا ، اُنهن سڀني جو دُنيا ۾ به عبرتناڪ اَنجام ٿيو ۽ آخرت ۾ به اُنهن کي ذِلَّت ۽ رُسوائي کي منهن ڏيڻو پوندو۔ اچو ته يزيد پليد جي فسادن ۽ ان جي دَردناڪ اَنجام جي باري ۾ ڪجھ ٻڌون ٿا۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

يزيد پليد ڪير هو؟

يزيد اهو بد نصيب شخص آهي، جنهن جي پيشاني تي اہلِ بَيتِ ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي بي گُناھ قتل جو ڪارو داغ آهي ۽ جنهن تي ہرزماني ۾ مسلمان مَلامت ڪندا رہيا آهن ۽ قيامت تائين ان جو نالو حَقارت (ذِلَّت) سان گڏ ورتو ويندو۔ هي بَد باطن، سِياهه دل (شخص) 25 ہجري ۾ دِمشق ۾ پيدا ٿيو،موٽو بدنُما ،گھڻن وارن وارو، بداَخلاق، بد مِزاج، فاسق، فاجر، شرابي، بدڪار، ظالم، بي اَدب، گُستاخ هو۔ ان جون شرارتون ۽ بي حيائون اهڙيون هيون جنهن کان بدمُعاشن کي به شرم اچي وڃي۔ جن سان شرعًا نڪاح حرام آهي يزيد ان سان نڪاح کي رواج ڏيڻ وارو، سُود ۽ ٻين حرام ڪمن کي اعلانيه ڪرائڻ وارو هو۔ (خلاصہ ازسوانحِ کربلا،ص۱۱۱،ملتقطاً)