Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي صحابه ۽ اهلبيت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم اَجْمَعِیْن جي محبّت ۾ جيئڻ مرڻ نصيب فرمائي.

آمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني قافلو“ به آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صحابهء ڪرام ۽ اهلبيت اطهار جي محبّت ۽ اُلفت جو جام پيئڻ پيارڻ، شُهداء ڪربلا جي بي مثال قربانين جون يادون تازيون ڪرڻ ۽ انهن جي مدني پيغام کي سڄي دُنيا ۾ عام ڪرڻ جي لاءِ تبليغِ قرآن ۽ سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي حصو وٺو. ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان ماهوار هڪ مدني ڪم ، راههِ خُدا ۾ سفر ڪرڻ وارن مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سفر به آهي. احاديثِ مبارڪه ۾ کوڙ سارين جڳهن تي راههِ خُدا ۾ سفر جا فضائل بيان ڪيا ويا آهن. جيئن ته حضرتِ سيّدَتُنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کان روايت آهي ته ٻنهي جهانن جي تاجور، سلطانِ بَحۡر و بَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جنهن شخص جي دل راههِ خُدا ۾ خوف جي سبب ڌڙڪڻ لڳندي آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ اُن تي جهنّم حرام فرمائي ڇڏيندو آهي. (مسند امام احمد، مسند السيده عائشه، ج 9، ص 369، حديث 24602) هڪ ٻي جڳهه تي ارشاد فرمايو: جنهن ٻانهي جا پير راههِ خدا ۾ ميرا ٿين، انهن کي جهنّم جي