Share this link via
Personality Websites!
الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي صحابه ۽ اهلبيت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم اَجْمَعِیْن جي محبّت ۾ جيئڻ مرڻ نصيب فرمائي.
آمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صحابهء ڪرام ۽ اهلبيت اطهار جي محبّت ۽ اُلفت جو جام پيئڻ پيارڻ، شُهداء ڪربلا جي بي مثال قربانين جون يادون تازيون ڪرڻ ۽ انهن جي مدني پيغام کي سڄي دُنيا ۾ عام ڪرڻ جي لاءِ تبليغِ قرآن ۽ سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي حصو وٺو. ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان ماهوار هڪ مدني ڪم ، راههِ خُدا ۾ سفر ڪرڻ وارن مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سفر به آهي. احاديثِ مبارڪه ۾ کوڙ سارين جڳهن تي راههِ خُدا ۾ سفر جا فضائل بيان ڪيا ويا آهن. جيئن ته حضرتِ سيّدَتُنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کان روايت آهي ته ٻنهي جهانن جي تاجور، سلطانِ بَحۡر و بَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جنهن شخص جي دل راههِ خُدا ۾ خوف جي سبب ڌڙڪڻ لڳندي آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ اُن تي جهنّم حرام فرمائي ڇڏيندو آهي. (مسند امام احمد، مسند السيده عائشه، ج 9، ص 369، حديث 24602) هڪ ٻي جڳهه تي ارشاد فرمايو: جنهن ٻانهي جا پير راههِ خدا ۾ ميرا ٿين، انهن کي جهنّم جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami