Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

يزيد پليد جا فساد

صَدرُ الافَاضِل حضرت علّامہ مولانا مفتي سَيد محمد نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه يزيد پليد جي حضرت سيدنا امام حُسَين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سان دُشمني جو سبب بيان ڪندي ۽ شہادتِ امام حُسَين کان پوءِ يزيد جي طرف کان مڪّي ۽ مديني شريف جي مسلمانن تي ٿيڻ واري ظُلم ۽ زِيادَتي جو تَذڪرو ڪندي ارشاد فرمائن ٿا ته حضرت امام حُسَين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو وُجُودِ مُبارَڪ يزيد جي آزادين جي لاءِ هڪ زبردست مُحتَسب (يعني حساب وٺڻ وارو) هو، اهو ڄاڻيندو هو ته امام حسين (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) جي زمانهء مُبارَڪ ۾ ان کي کُلي ڪري کيڏڻ جو موقع نه ملندو ۽ ان جي ڪنهن به اُبتي حرڪت ۽ گمراہي تي حضرت امام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ صبر نه فرمائيندا، ان کي نظر ايندو هو ته امام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جهڙو دِين دار جو اثر ہروقت ان جي مٿي تي گھمي رہيو آهي، انهي سبب جي ڪري اهو اڃا به وڌيڪ حضرت امام جي جان جو دشمن هو ۽ انهي ڪري حضرت امام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شہادت ان جي لاءِ باعثِ مَسَرَّت ہوئي۔ حضرت امام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو انتقال فرمائڻ هو، يزيد کُلي ڪري (يعني بالڪل آزاد ٿي ويو) مزيد ڪيترن ئي نمونن ۽ قِسمن جي گناھن جو بازار گرم ٿي ويو، حرام ڪاري، ڀاءُ ڀيڻ جو نڪاح، سُود، شراب، اعلانيه رائج ٿيا، نمازن جي پابندي ختم ٿي وئي، بغاوت ۽ سرڪشي اِنتہا کي پهچي، خَباثَت کي ايتري قدر مضبوط ڪيو جو مُسلِم بن عُقبه کي ٻارنهن ہزار (12000) يا ويھ ہزار (20,000) جر وڏي لشڪر سميت مدينهء طِيبَه تي چڙھائي جي لاءِ موڪليو۔ هي 63 ہجري جو واقعو آهي۔ ان نامراد