Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

(ته) اهي ايترو نقصان ناهن پهچائيندا جيترو مال و دولت جو حرص ۽ حب ِ جاه انسان جي دين کي نقصان پهچائيندا آهن۔“

(جامع ترمذي، ص 1890 حديث 2376)

ياد رهي! جيڪو شخص پنهنجي ايمان جي حفاظت جي فڪر ۾ رهندو آهي، ته اهو دنيا جي رنگينين ۽ ان جي آسائشن جي ڌوکي ۾ نه ٿو پئجي سگهي. تنهن ڪري اسان کي به دنيا جي فاني لذتن ۾ گم ٿيڻ جي بجاءِ هر وقت پنهنجي ايمان جي سلامتي ۽ قبر ۽ آخرت جي بهتري جو فڪر ڪرڻ گهرجي، يقينًا هڪ مسلمان جي لاءِ سڀ کان قيمتي سرمايو ان جو ايمان آهي، جيڪڏهن ايمان سلامت رهيو ته نجات جي اميد ڪري سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن معاذ الله گناهن جي ڪثرت ۽ نحوست جي سبب ايمان ئي برباد ٿي ويو ته پوءِ نجات جي ڪائي صورت نه هوندي.

تاج و تخت و حکومت مت دے کثرتِ مال و دولت مت دے

اپنی رضا کا دے دے مُژدہ یا الله میری جھولی بھردے

ڪتاب ”سوانح ڪربلا“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪربلا جي واقعي کي مزيد تفصيل ڄاڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي مطبوعه 192 صفحات تي مشتمل ڪتاب ”سوانح ڪربلا“ جو مطالعو نهايت مفيد آهي. هن ڪتاب ۾ اهلبيت ۽ خلفاءِ راشدين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم اَجْمَعِیْن جن جي فضائل بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪربلا جي واقعن ۽