Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

مختلف ڳالهين کي ڪافي تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن جي شهادت کان پوءِ يزيدين جي طرفان مڪي ۽ مديني ۾ ڪئي وڃڻ واري فتني ۽ فساد ۽ انهن جي بدترين انجام کي به بيان ڪيو ويو آهي. تنهنڪري اڄ ئي هن ڪتاب جي مڪتبة المدينه جي بستي تان هديةً طلب فرمائي پاڻ به هن جو مطالعو ڪيو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به هن جي ترغيب ڏياريو. دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ھن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙهي) به سگهجي ٿو، ڊائون لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آئوٽ (Printout) به ڪري سگهجي ٿو.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

جامعة المدينه جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! صحابه ۽ اهلبيت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم اَجْمَعِیْن جو فيض حاصل ڪرڻ ۽ ٻين نيڪ ڪمن ۾ استقامت حاصل ڪرڻ لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي نهايت مفيد آهي. تنهنڪري اوهان سان مدني التجا آهي ته دعوت اسلامي جي مهڪندڙ مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو. اِن شآءَ الله عَزَّوَجَلَّ دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون حاصل ٿينديون. الحمد الله عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي تادمِ تحرير 97 کان وڌيڪ شعبن ۾ سنتن جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو جامعة المدينه به آهي.