Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

ڪو مال ضائع ڪيو آهي جو ان جي بدلي مال چاهيو ٿا يا توهان کي پنهنجي زخمين جو قِصاص درڪار آهي (آخر ڪهڙي شيء جو بدلو چاهيو ٿا) ؟ اهي بدبخت خاموش رهيا، پاڻ فرماياؤن: اي شَبث بن رِبۡعي، اي حجّار بن اَبۡجر، اي قَيس بن اَشۡعث، اي زيد بن حارث! ڇا توهان مونکي هي خط موڪلي نه گهرايو هو؟ انهن صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو اسان ته ايئن نه ڪيو هو. پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: جي ها خدا عزوجل جو قسم توهان ئي ته ائين ڪيو هو. پوءِ فرماياؤن: اي انسانو! جيڪڏهن توهان منهنجي بيعت ڪرڻ پسند نه ٿا ڪيو ته مون کي ڇڏي ڏيو ته مان ڪنهن محفوظ جڳهه ڏانهن هليو وڃان. بدنصيب قَيس بن اَشۡعث چيو، توهان ابنِ زياد بدنهاد جو حڪم مڃي وٺو (ته توهان کي ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو) پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو الله عزوجل جو قسم مان هرگز اُن جي بيعت نه ڪندس. الله جا ٻانهؤ مان پنهنجي ۽ توهان جي ربّ جي پناهه گهران ٿو هن کان ته توهان مونکي سنگسار ڪيو. مان توهان جي ۽ پنهنجي ربّ جي پناهه گهران ٿو هر ان مُتَڪَبّر کان جيڪو حساب جي ڏينهن تي يقين نه ٿو رکي. (الڪامل في التاريخ، سنة احدي و ستين ذڪر مقتل الحسين،ج 3،ص 418)

ظالم جي ذريعي ظالمن جي هلاڪت

افسوس صد ڪروڙ افسوس! مال و دولت ۽ عهدن جي لالچ يزيدي لشڪر جي اکين تي گمراهي جي پٽي ٻڌي ڇڏي هئي، اهي بدنصيب ماڻهو دنياءِ ناپائيدار جي فاني محبّت ۾ سرشار هئا ۽ شهرت ۽ اقتدار