Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

تذڪرو ته ڪيئن مختار ثَقفي جي حُڪم تي ان جي لشڪر يزيدي فوج جي هڪ هڪ شخص کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، هاڻي ٿورو يزيد پليد جي انجام جي باري ۾ به ٻُڌو.

يزيد جو انجام

ڪربلا جي واقعي جي ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ يزيد هڪ هلاڪت خيز ۽ انتهائي مُوذي مرض ۾ مبتلا ٿيو، پيٽ جي سُور ۽ آنڊن جي زخمن جي تڪليف کان ماهي بي آب (يعني بغير پاڻيءَ جي مڇي تڙپندي آهي) وانگر تڙپندو رهندو هو. حِمۡص ۾ جڏهن ان کي پنهنجي موت جو يقين ٿي ويو ته پنهنجي وڏي ڇوڪري مُعاويه کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ اُمورِ سلطنت جي باري ۾ ڪجهه چوڻ ئي چاهي پيو ته بي ساخته پُٽ کان رڙ نڪتي ۽ نهايت ذلّت ۽ حقارت سان هي چوندي پيءُ جي پيشڪش کي ٺُڪرائي ڇڏيو ته جنهن تاج ۽ تخت تي آلِ رسول جي خون جا داغ هجن، مان ان کي هرگز قُبول نٿو ڪري سگهان، خدا ان منحوس سلطنت جي وِراثَت کان مون کي محروم رکي، جنهن جي بُنياد نواسهء رسول جي خون تي رکي وئي هجي. يزيد پنهنجي پُٽ جي واتان هي لفظ ٻڌي تڙپي ويو ۽ رنج ۽ غم جي شدّت جي ڪري بستري تي پير هڻڻ لڳو، موت کان ڪجهه ڏينهن پهريان يزيد جا آنڊا ڳري ويا ۽ ان ۾ جيت پئجي ويا، تڪليف جي شدّت کان خنزير وانگر رڙيون ڪندو هو، پاڻيءَ جو قطرو نڙيءَ مان لهڻ کان بعد نِشۡتَر وانگر چُڀڻ لڳندو هو. عجيب قهرِ الاهي جي مارَ هئي، پاڻيءَ جي بغير به تڙپندو هو ۽ پاڻي پي به رڙيون ڪندو هو، آخر ڪار انهيءَ تڪليف جي شدّت کان تڙپي