Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پے جہاں میں
اے دعوت اسلامی تیری دھوم مچی ہو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان يزيد پليد ۽ ان جي ناپاڪ فوج جي فتنه پَرۡوَري، ظُلم و زيادتي ۽ ذلّت آميز انجام جي باري ۾ ٻُڌو، نبيء ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان فتني فساد ۽ ظُلم و زيادتي جي باري ۾ پهريان ئي واضح طور تي ارشاد فرمائي ڇڏيو هو ته سڀ کان پهريان منهنجي سنّت بدلائڻ وارو بنو اُميّه جو يزيد نالي شخص هوندو ۽ پڻ هي به فرمايو ته منهنجي اُمّت ۾ عَدۡل ۽ انصاف قائم رهندو ۽ پوءِ بنو اُميّه جو يزيد نالي هڪ شخص اچي ان عَدۡل ۽ انصاف ۾ رُخۡنو وجهندو ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو ته ان بد بخت عَدۡل ۽ انصاف کي پاڙان پٽي تاريخ جي صفحن تي ظُلم ۽ زيادتي جو اهو داستان لکيو جنهن کي پڙهي ٻُڌي ڪري بدن لرزي ۽ اکيون اشڪبار ٿي وڃن ٿيون. ان بدبخت جي ظُلمن کان مڪي مديني جي عام ماڻهن کان وٺي صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ بلڪه اهلبيت اَطۡهار ۽ حضرتِ سَيِّدُنا امام حُسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ تائين ڪوئي به محفوظ نه رهيو. امام حُسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شهادت کانپوءِ صحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ سميت ڏهه هزار (10000) کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ڪرڻ، وياج،