Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

هونئن ته دين جي مدد ۽ نصرت جي سعادت اهل حق کي ئي حاصل ٿيندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته الله تعاليٰ ظالمن، نافرمانن ۽ فاجرن کي اقتدار عطا ڪري انهن جي ذريعي به پنهنجي دين جو ڪم وٺندو آهي ۽ ظالمن کي انهن جي هٿان هلاڪ ڪرائيندو آهي. جيئن اٺين سيپاري سورة الانعام جي آيت نمبر 129 ۾ ارشاد آهي؛

وَ کَذٰلِکَ نُوَلِّیۡ بَعۡضَ الظّٰلِمِیۡنَ بَعۡضًابِمَا کَانُوۡا یَکۡسِبُوۡنَ ﴿۱۲۹﴾٪

ترجموڪنزالايمان؛ ۽ اهڙي طرح اسان ظالمن مان هڪڙن کي ٻين تي مُسَلَّط ڪندا آهيون۔ سندن ڪرتوتن جي بدلي۔

 

حديث شريف ۾ آهي؛ يعني بيشڪ الله (عَزَّوَجَلَّ) هن دينِ جو ڪم فاجِر (يعني گنهگار) ماڻهوءَ کان به ڪرائيندو آهي۔ (صحيح بخاري ج 4 ص 274 حديث 6606) شهيدن جي خونِ ناحق جو بدلو وٺڻ جي لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ ٺيڪ 6 سالن کان پوءِ مختار ثقفي جهڙي ڪذاب يعني ڪوڙي ۽ ظالم شخص کي مقرر فرمايو، جنهن هڪ هڪ يزيدي کي چونڊي چونڊي نهايت سفاڪي ۽ بيدردي سان قتل ڪيو، ۽ ڇو نه هجي جو حضرت سيدنا عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمائن ٿا؛ الله تعاليٰ پنهنجي حبيب حضرتِ محمَّدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي وحي فرمائي ته مون يحييٰ بن زڪريا (عَلَيْهمَا الصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام) جي قتل جي بدلي ۾ ستر هزار ماڻهو ماريا هئا ۽ بيشڪ مان اوهان جي ڏوهٽي جي بدلي ۾ ان کان ٻيڻا ماريندس۔ (المستدرڪ للحاڪم ج 4 ص 163 حديث 4875) لهٰذا الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي انهن فرمانن جو ظهور ٿيڻ