Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ الله عَزَّوَجَلَّ جي حمدو ثناء ڪرڻ کان بعد (انهن يزيدين کي) فرمايو: توهان منهنجي نسبت جي باري ۾ غور ڪري وٺو ته مان ڪير آهيان؟ ڇا توهان جي لاءِ منهنجو قتل جائز ۽ درست آهي؟ ڇا مان توهان جي نبي جو ڏوهٽو ناهيان؟ ڇا سيّدالشهداء حضرت سيّدنا حمزه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ منهنجي والد جا چاچا ناهن؟ ڇا حضرت سيّدنا جعفر طيار منهنجا چاچا ناهن؟ ڇا توهان تائين منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ جي متعلق رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هي ارشاد نه پهتو هو ته توهان ٻئي جنّت جي جوانن جا سردار آهيو جيڪڏهن توهان منهنجي ڳالهه جي تصديق ڪيو (ته ٻڌي وٺو) ته اهوئي حق آهي، ڇو ته مان ان وقت کان ڪوڙ ناهي ڳالهايو جڏهن کان مونکي خبر پئي ته ڪوڙ الله عزوجل کي سخت ناپسند آهي ۽ اگر توهان مونکي جهٽلايو ٿا ته حضرت سيّدنا جابر بن عبدالله، ابو سعيد، سهل بن سعد، زيد بن ارقم يا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم اجمعين کان پڇي وٺو ڇو ته انهن سڀني رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان (منهنجي باري ۾) هي فضائل ٻڌا آهن. ڇا منهنجي هن نصيحت ۾ توهان جي لاءِ ڪا اهڙي ڳالهه ناهي جيڪا توهان کي منهنجي خون ڪرڻ کان روڪي سگهي؟ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: جيڪڏهن توهان کي منهنجي ڳالهه ۾ يا منهنجي متعلق نبي جو ڏوهٽو هئڻ ۾ ڪو شڪ هجي ته خدا عزوجل جو قسم ته مشرق ۽ مغرب ۾ مون کان سوا توهان ۾ يا توهان جي ڪنهن قوم ۾ نبي جو ڏوهٽو موجود ناهي. ٿورو ٻڌايو ته صحيح، توهان کي مون کان پنهنجي ڪهڙي مقتول جو بدلو طلب ڪرڻو آهي، يا مان توهان جو