Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

سڱ به تَبَرُّڪ جي طور تي محفوظ هئا، جيڪي حضرت سَيدُنا اسمٰعيل عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي فِديي ۾ قُرباني ڪيا ويا هئا، اهي (سڱ) به سڙي ويا، ڪعبهء مُقَدَّسه ڪيترن ڏينهن تائين بي لباس (بي غلاف) رہيو ۽ اُتي جا رهواسي يزيدي لشڪر جي طرف کان پہچڻ واري سخت مُصيبت ۾مبُتلا رهيا۔ (خلاصہ سوانح کربلا،ص ۱۷۷ تا۱۷۹ ،ملخصاً)

نواسهء رسول جو خُطبو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يزيد پليد جيستائين زِندھ رہيو ظُلم ۽ سِتَم ٿيندا رهيا۔ ان جي پوري زندگي بي رحمي جي افسوس ناڪ داستان آهي، يزيد جا ہٿ مڪّي ۽ مديني ۽ شُہداءِ ڪربلا جي مظلومن جي رت سان رنگيل آهن، اِقتِدار جي ہَوَس (لالچ) ان کي چَريو ۽ اَفرادي قوّت ان کي مَغرُور بڻائي ڇڏيو هو، هئڻ ته ائين گھرجي ها ته اهو راڪبِ دوشِ مُصطَفٰي،جِگر گوشهء مُرتَضٰي، دِلبَندِ فاطمه، سُلطانِ ڪربلا، سَيدُ الشُّہَدا، اِمامِ عالي مقام، اِمامِ عرشِ مقام،امامِ ہُمّام، اِمامِ تِشنه ڪام جي فضيلتن ۽ ڪمالن جي مُتَعَلِّق فرامينِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پيشِ نظر رکي ڪري اُن جي قَدر و مَنزِلَت جو اِعتِراف ڪري ها، اُنهن جي ۽ اُنهن جي ساٿين جي خدمت ڪري جنّت حاصل ڪري وٺي ها، پر آھ! ان ته شيطانِ لَعِين ۽ نَفسِ اَمّارہ جي غُلامي جو طَوق پنهنجي گلي ۾ وجھي رکيو ۽ مُسلسل بي انصافي جو مُظاہَرو ڪندو رہيو، آخرڪار پنهنجي ناپاڪ منصوبن تي عَمَل ڪندي ان ظالِم ۽ جابِر ۽ فاسق وفاجِر گُلشنِ اہلِ بَيت کي جنهن بي دَردي سان اُجاڙيو ۽