Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

تَـعَالٰی مان هئا ۽ جيڪو بدنصيب الله عَزَّوَجَلَّ جي اولياء سان دشمني رکندو آهي، ان کي الله... جي طرفان اعلان جنگ ڏنو ويو آهي، جيئن ته

نبيء اڪرم نورِ مجسّم صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا ته الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمايو: مَنۡ عَادَى لِي وَلِيًّا فَقَدۡ آذَنۡتُهُ بِالۡحَرۡبِ ، يعني جيڪو منهنجي ڪنهن ولي سان دشمني ڪري، مان ان سان اعلانِ جنگ ڪيان ٿو.

(بخاري، ج 4، ص 248، حديث 6502)

يزيد کي پليد چوڻ ڪيئن؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! جيڪڏهن يزيدِ پليد پاڻ ابِن زياد نِهاد جي فوج ۾ شامل نه رهيو مگر شهيدانِ و اسيرانِ ڪربلا تي جيتري قدر ظلم۽ جفا ڪيو ان ۾ ابن زياد بدنهاد کي نه صرف يزيد پليد جي ڀرپور رِضا مندي ۽ هن جي مڪمل تائيد و حمايت حاصل رهي بلڪه هن فاسِق و فاجر شخص جي حڪم تي ظالمن جي سردار ابن زياد بد نهاد ۽ هن جي لشڪرن اهل بيت اطهار جي سرِ عام گستاخيون ڪيون ۽ سخت اُس ۾ ميدان ڪربلا جي سر زمين کي جان نثارن جي مبارڪ خون ۾ رنگين ڪيو، لهٰذا يزيد جهڙي پليد بدبخت کي بي قصور قرار ڏيڻ، اهل بيت اطهار رضوان الله تعالي عليهم اجمعين سان غداري ، محبان اهل بيت جي دل آزاري، الله عزوجل ۽ هن جي رسول صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضگي ۽ پڻ الله عزوجل جي قهر ۽ غضب ۽ جنّهم جي حقداري جو سبب آهي. هن معاملي ۾ خُلفاءِ راشيدن جو طرزِ عمل اسان جي لاءِ مشعلِ راهه آهي، اهي حضرت اهل بيت اطهار بالخصوص امام عالي مقام حضرت سيدنا امام حسين