Book Name:Shan e Sahaba

تي هلندي پنهنجي زِندگي گذاريون ۽ انهن جي اَدنٰي (يعني ننڍي کان ننڍي) بي اَدَبي ۽ گُستاخي ۽ تنقيد ڪرڻ کان به باز رهون ۽ ہميشه انهن جو ذِڪرِ خَير ڪندا رهون۔ عُلَماء فرمائن ٿا: انهن (صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان) جو جڏهن (به) ذِڪر ڪيو وڃي ته خير (ڀلائي) ئي سان گڏ ہئڻ فرض آهي۔ (بہارِ شريعت:۱/ ۲۵۲) ياد رکو! نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا ۽ خُوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ صرف حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت جي دعويٰ ئي ڪافي ناهي بلڪه حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تمام صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جو اَدب ۽ اِحترام به ضروري آهي نه ته انهن حضرات جي بُرائي ڪرڻ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضگي جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔ جيئن ته

حضرت علاَّمہ يوسف بن اِسماعيل نَبۡہَاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ابُوعلي قحطان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هڪ حڪايت بيان فرمائن ٿا، مون خُواب ۾ ڏٺو ته آئون ڪَرۡخۡ جي جامع مسجد شَرقيه ۾ داخل ٿيس، مون سَيدُالمُرسَلِين، جنابِ رَحۡمَةُ لِّلعٰلمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏٺو، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ ٻه شخص به هئا، جن کي آئون نه سڃاڻيندو هئس، مون حُضُور عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي خِدمَت ۾ سلام عرض ڪيو، پر حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڪو جواب نه ڏنو، مون عرض ڪيو: يارسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! آئون توهان تي ڏينهن ۽ رات ۾ ايترا ايترا ڀيرا دُرُود ۽ سلام موڪليندو آهيان ۽ توهان مون کي سلام جي جواب کان مَحروم فرمائي ڇڏيو؟ رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو:’’تون مون تي ته دُرُود موڪليندو آهين ۽ منهنجي صَحَابين تي طعنا (۽ تنقيد) ڪندو آهين۔‘‘مون عرض ڪيو: ’’يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! آئون اوهان جي مبارڪ هٿن تي توبھ