Book Name:Shan e Sahaba

نَبَوِي جي نماز ٻي جڳھ جي نمازن کان پنجاھ ہزار (50,000) ڀيرا (وڌيڪ ثواب واري) آهي، ته جن حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو قُرب ۽ ديدار ڪيو انهن جو ڇا بيان ڪجي! ۽ سندن عبادتن جي ڇا ڳالھ ڪجي؟ ([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح ڪنهن مُسلمان جي وڏي کان وڏي نيڪي صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي ننڍڙي نيڪي جي برابر نٿي ٿي سگھي، اهڙي طرح ڪو ڪيترو ئي وڏو ولي، غوث ۽ قُطُب بڻجي وڃي ۽ ان جي ذات کان بَڪثرت ڪرامتن جو صُدُور به ٿيندو رهي، پر اهو پوءِ به ڪنهن صحابي جي مَقام تائين نه ٿو پہچي سگھي۔ شَيخُ الحديث حضرت علامہ مُفتي عبدُالمصطفٰي اَعظَمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: تمام عُلَماءِ اُمَّت ۽ اڪابِرِ اُمَّت جو اِن مَسئَلَي تي اِتفَاق آهي ته صحابهء ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم اَفضَلُ الاَولياء“ آهن يعني قِيامت تائين سڀ اَولياء چاهي اُهي دَرَجہء وِلايت جي بُلند تَرين منزل تي فائز ٿي وڃن، پر ہرگز ہرگز ڪڏهن به اهي ڪنهن صحابي جي ڪمالاتِ ولايت تائين نه ٿا پہچي سگھن۔ خُداوَندِ قُدُّوس پنهنجي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شَمعِ نُبُوَّت جي پروانن کي مَرتبهء ولايت جو اهو بُلند ۽ اعلٰي مَقام عطا فرمايو آهي ۽ اُن مُقَدَّس ہستين کي اهڙين اهڙين عظيمُ الشَّان ڪرامتن سان سَرفراز فرمايو آهي جو ٻين سڀني اَولياء جي لاءِ اِن مِعراجِ ڪمال جو تَصوُّر به نه ٿو ڪري سگھجي۔ اِن ۾ شڪ ناهي ته حضراتِ صَحابهء ڪِرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم کان اِيتري قدَر ڪرامتن جو صُدور نه ٿيو، جيتري قدَر ٻين اَولياءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم کان ڪرامتون مَنقول آهن، پر واضح رهي ته ڪَثرتِ ڪرامت افضليتِ وِلايت جي دليل ناهي، ڇو جو



[1]… مرآۃ المناجیح،۸/۱۷۴، ملتقطاً