Book Name:Shan e Sahaba

اللہ عَزَّوَجَلَّ مونکي مُنتَخَب فرمايو ۽ منهنجي لاءِ منهنجي صَحابين کي پسند فرمايو، پوءِ انهن مان منهنجا وزير، مُعاوِن ۽ رشتيدار بڻايا، فَمَنْ سَبَّہُمْ فَعَلَیْہِ لَعْنَۃُ اللّٰہِ وَالْمَلَائِکَۃِ وَالنَّاسِ اَجْمَعِیْنَ بس جيڪو انهن کي گار ڏيندو، ان تي اللہ عَزَّوَجَلَّ ، ان جي فِرِشتن ۽ تمام ماڻهن جي لَعنت آهي، لَایَقْبَلُ اللّٰہُ مِنْہُ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ صَرْفًا وَّلَا عَدْلًا ، قيامت جي ڏينهن اللہ عَزَّوَجَلَّ نه ان جو ڪو فَرض قَبول فرمائيندو نه نفل۔‘‘ (الصواعق المحرقہ،ص۴)

وڌيڪ فرمايو: منهنجي صحابين جي باري ۾ اللہ عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄندا رہو ”مون کان بعد انهن کي (پنهنجي تُہمتن (الزامن) ۽ بُري ڳالھين جو) نشانو نه بڻايو، بس جنهن انهن سان مَحَبَّت ڪئي، ته ان مون سان مَحَبَّت جي سبب ايئن ڪيو ۽ جنهن انهن سان بُغض رکيو ته ان (دَرحقيقت) مون سان بُغض جي سبب ايئن ڪيو، جنهن انهن کي اَذِيت ڏني، ان مون کي اَذِيت ڏني ۽ جنهن مونکي اَذِيت ڏني، ان اللہ عَزَّوَجَلَّ کي اَذِيت ڏني ۽ جيڪو اللہ عَزَّوَجَلَّ کي اِيذاء ڏي، عنقريب اللہ عَزَّوَجَلَّ ان جي پڪڙ فرمائيندو۔‘‘(مشکاۃ،کتاب المناقب ،باب مناقب الصحابہ ،۲/ ۴۱۴،حدیث:۶۰۱۴) هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي: وَمَنْ اَسَاءَ الْقَوْلَ فِیْ اَصْحَابِیْ کَانَ مُخَالِفاً لِسُنَّتِیْ، جنهن منهنجي صَحابه جي مُتعلِّق بُري ڳالھ چئي ته اهو منهنجي طريقي کان هٽي (ڦِري) ويو، وَمَأْوَاہُ النَّارُ وَبِئْسَ الْمَصِیْرُ، ۽ ان جو ٺڪاڻو باھ آهي ۽ ڪيڏي نه بُري جڳھ آهي موٽڻ جي۔‘‘

(الریاض النضرۃ، الباب الاول ،ذکر ماجاء فی الحث علی حبہم والاحسان الیہم …الخ ،۱/۲۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان سان بُغض رکڻ وارا بحڪمِ حديث، اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ فِرِشتن ۽ تمام ماڻهن جي