Book Name:Shan e Sahaba

لَعنت جا حَقدار آهن۔ صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي شان ۾ گُستاخي ڪرڻ وارا ۽ انهن جي صحبت ۾ ويهڻ وارا اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضگي پنهنجي سِر تي کڻندا آهن، پنهنجي آخرت برباد ڪندا آهن ۽ مرڻ وَقت انهن کي ڪَلِمو به نصيب نه ٿيندو۔

حضرت علّامہ جلالُ الدين سُيوطي شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهشرح الصُّدور“ ۾ نقل ڪن ٿا: ”هڪ شخص جي موت جو وَقت ويهجو آيو ته ان کي ڪَلِمهء طَيّبَه پڙهڻ جي لاءِ چيو ويو۔ ان شخص جواب ڏنو ته آئون ان جي پڙهڻ تي قادِر ناهيان، ڇو جو آئون اهڙن ماڻهن سان گڏ اُٿندو ويهندو هئس جيڪي مونکي سَيدُنا ابُوبڪر ۽ عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا کي بُرو ڀلو چوڻ جي تلقين ڪندا هئا۔“

(شرح الصدور،باب ما یقول الانسان فی مرض الموت، ص۳۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته شَيخينِ ڪريمَين يعني سَيِّدُنا صديق ۽ فارُوق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا جي شان ۾ گُستاخي ڪرڻ وارن جي صُحبت جو هي وَبال هو جو ان شخص کي مرڻ وَقت ڪَلِمو نصيب نه ٿيو ۽ جيڪي ماڻهو خُود صَحابهء ڪِرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي تَوهين ڪندا آهن، اهڙن بدنصيبن کي ماڻهن جي لاءِ دُنيا ۾ عبرت جو نمونو بڻايو ويندو آهي۔ اچو ته! انهيءَ متعلق ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا: جيئن ته

دُشمنِ صحابه جو اَنجام

حضرت سَيِّدُنا سَعَدبن اَبي وقّاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ تشريف وٺي وڃي رهيا هئا ته اچانڪ سندن گُذر هڪ اهڙي شخص جي ويجھي کان ٿيو جيڪو حضرت سَيِّدُنا علي، حضرت سَيِّدُنا طلحہ ۽ حضرت سَيِّدُنا زُبير رِضۡوَانُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن